ڍاڪا_22 سيپٽمبر(اي پي پي) بنگلاديش ۽ نيوزيليند جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي انٽرنيشنل ميچن تي مشتمل سيريز جي ٻي ميچ (اڄ) ڇنڇر تي شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ڍاڪا ۾ کيڏي ويندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ اها ميچ ڊي اينڊ نائٽ هوندي، ٽن ميچن جي سيريز جي پهرين ون ڊي برسات سبب نه کيڏي وئي هئي، نيوزيلينڊ جي ٽيم اڄڪلهه بنگلاديش جي دوري تي آهي ۽ مهمان ٽيم ڪيوي ٽيم ميزبان بنگلاديش خلاف ٽن ون ڊي ۽ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کان اڳ ٻن ڏينهن واري پريڪٽس ميچ کيڏندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ 26 سيپٽمبر تي کيڏي ويندي، سموريون ميچون سير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ڍاڪا ۾ ڊي اينڊ نائٽ کيڏيون وينديون .