سينچورين -14 سيپٽمبر (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن عالمي ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي چوٿين ميچ (اڄ) 15 سيپٽمبر تي اسپورٽس پارڪ سينچورين ۾ کيڏي ويندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ اها ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي. آسٽريليا کي ميزبان ٽيم ڏکڻ آفريقا خلاف 5 ميچن جي سيريز ۾ 2-1 جي برتري حاصل آهي. جڏهن ته پنجين ۽ آخري ميچ 17 سيپٽمبر تي جوهانسبرگ ۾ کيڏي ويندي. واضح رهي ته ان کان اڳ آسٽريليا جي ٽيم 3 ٽي – ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ ميزبان پروٽيز کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو هو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ 17 سيپٽمبر تي کيڏي ويندي. ڏکڻ آفريڪا جي اڳواڻي ٽيمبا بوما ۽ آسٽريلوي ٽيم جي قيادت مچل مارش ڪري رهيو آهي.