اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڊاڪٽر شمشاد اختر وزيراعظم کي موجوده ملڪي معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي.