چنائي – 07 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي هاڪي ٽيم پنهنجي روائتي حريف ڀارت خلاف ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي ۾ پنهنجي پنجين ۽ آخري ميچ اڄ اڱاري تي کيڏندي. انهيءَ ڏينهن ملائيشيا جي ٽيم ڏکڻ ڪوريا ۽ جاپان جي ٽيم چين سان زور آزمائي ڪنديون. ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو ڀارتي شهر چنائي ۾ جاري آهي. ميگا ايونٽ ۾ اڄ اڱاري تي وڌيڪ 3 ميچن جو فيصلو ٿيندو، جنهن بعد سيمي فائينلز 11 آگسٽ تي کيڏيا ويندا. چئن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ سيمي فائينل مقابلا 11 آگسٽ تي کيڏيا ويندا جڏهن ته چيمپيئن جو فيصلو 12 آگسٽ تي ٿيندو.