اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خصوصي اقتصادي زونز ۾ سعودي عرب ۽ قطر سميت ٻين دوست ملڪن جا سيڙپڪار مختلف صنعتي شعبن ۾ سيڙپڪاري مان فائدو کڻي سگهن ٿا، ماضي ۾ خصوصي اقتصادي زونز ۾ زمين کي مخصوص مقصدن جي لاءِ استعمال نه ڪيو ويو پر ان تي سٽي بازي ڪئي وئي، جيڪڏهن اسان جا ڪرتوت اهي ئي رهيا ته اسان جي ملڪ جي حالت نه بدلجندي، ملڪ ۾ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 14 ارب ڊالر ٿي چڪا آهن، اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪري ميثاق معيشت ڪري ان تي تسلسل سان عمل ڪرڻو پوندو، 2015ع کان 2018ع دوران سي پيڪ تحت 30 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري پاڪستان ۾ آئي، گذريل چار سال دوران سي پيڪ تحت سمورن منصوبن کي منجمند رکيو ويو، اوڀر ۾ پنهنجي پاڙيسري ملڪ کي معاشي ميدان ۾ شڪست ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ماڊل خصوصي اقتصادي زون جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 14 ارب ڊالر ٿي چڪا آهن، مدد ڪندڙ دوست ملڪن جا ٿورائتا آهيون، قرض ڏيندڙ دوست ملڪن جي سربراهن کي چيو آهي ته اهي پاڪستان ۾ زراعت، آءِ ٽي ۽ معدنيات سميت ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ اربين ڊالر منافعو ڪمائين، ان سان پاڪستان به خوشحال ٿيندو. هن چيو ته خصوصي اقتصادي زونز ۾ سعودي عرب ۽ قطر سميت ٻين دوست ملڪن جا سيڙپڪار مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري سان فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته ماضي ۾ خصوصي اقتصادي زونز ۾ زمين کي مخصوص مقصدن جي لاءِ استعمال نه ڪيو ويو پر ان تي سٽي بازي ڪئي وئي، جيڪڏهن اسان جا ڪرتوت اهي ئي رهيا ته اسان جي ملڪ جي حالت نه بدلجندي، انهن خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪرڻ جو مقصد ملڪ ۾ سيڙپڪاري آڻڻ آهي. هن چيو ته بهاولپور سولر پاور منصوبي جي زمين 90 سالا ليز تي انتهائي گهٽ قيمت تي ڏني وئي آهي، اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سخت شرطن تي معاهدا ڪرڻ گهرجن، منظم منصوبابندي ۽ شفاف طريقي سان اڳ ۾ اچو ۽ اڳ ۾ وٺو يا ڪُڻن جي ذريعي سيڙپڪارن کي زمين الاٽ ڪئي وڃي ته جيئن سيڙپڪار خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري سان گڏوگڏ ٻاهرئين ملڪ مان آساني سان مشينري پڻ درآمد ڪري سگهن، صنعتن جي فروغ سان ملڪ ترقي ڪندو، اوڀر ۾ پنهنجي پاڙيسري ملڪ کي معاشي ميدان ۾ شڪست ڏينداسين، قرضن مان ڇوٽڪارو ملندو ۽ ملڪ ترقي ڪندو. هن چيو ته ان منصوبي جي شروعات تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو جڏهن ته افسوس سان چوڻ پئجي رهيو آهي ته ان منصوبي تي گهٽ ۾ گهٽ 5 سال دير شروعات ڪئي پئي وڃي، اهو ڪيترائي سال اڳ ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي ها. هن چيو ته سي پيڪ تحت پوري ملڪ ۾ خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪرڻا هئا، هي انهي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي، ڪراچي ۾ ڌاٻيجي اقتصادي زون ۽ خيبرپختونخواهه ۾ رشڪئي ۾ اقتصادي زون مڪمل ٿيڻ وارو آهي، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ به ڊيزائن ۽ علائقي جي نشاندهي ٿي چڪي هئي جڏهن ته انهن منصوبن تي گذريل چار سال دوران انتهائي سستي سان ڪم ڪيو ويو. هن چيو ته سي پيڪ تحت منصوبن جي شروعات نواز شريف جي ڪوشش هئي، 2015ع کان 2018ع دوران سي پيڪ تحت 30 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري پاڪستان ۾ آئي، ان ۾ بجلي جا منصوبا، اورنج لائين، رستا، پاڻي منصوبا، پن بجلي منصوبا ۽ ڪوئلي سان بجلي گهرن جي منصوبن سميت ٻيا منصوبا شامل هئا، انهن منصوبن کي گذريل حڪوتم جي دور ۾ منجمند ڪيو ويو، پاڪ چين لاڳاپن جي نفي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ وڏو تعطل پيدا ٿيو. هن چيو ته چين ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کان هائي ٽيڪ صنعت طرف منتقل ٿي ويو آهي، اسان کي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ۾ چين جي ٽيڪنالاجي، مهارتن مان فائدو کڻڻ گهرجي ۽ چيني سيڙپڪارن سان گڏجي گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ گهرجن، ان سان ملڪ ۾ ٽيڪسٽائيل جي صنعت کي فروغ ڏيڻ ۽ مصنوعات کي برآمد ڪرڻ ۾ اضافو ٿيندو ۽ پيداوار، روزگار ۽ اوڳاڙين ۾ پڻ اضافو ٿيندو پر بدقسمتي سان ماضي جي حڪومت انهن سڀني شين کي ڇڏي پنهنجون سموريون توانائيون چور، ڌاڙي ۽ گارگند تي ڏنو، موجوده حڪومت جا گذريل 15 مهينا ان باهه کي وسائڻ ۾ لڳا. وزيراعظم چيو ته گذريل سال ٻوڏ ملڪ ۾ تباهي مچائي ڇڏي، ملڪ ۾ هزارين ايڪڙ زمين پاڻي هيٺ اچي وئي، سنڌ ۾ کجور جي فصل مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي، ٻوڏ سان بلوچستان، خيبرپختونخواهه ۽ ڏکڻ پنجاب جي ڪجهه حصن ۾ به تباهي ٿي، اسان ان قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ اين ڊي ايم اي جي ذريعي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ 100 راب رپيا ورهايا، صوبن پنهنجي وسيلن سان اربين رپيا خرچ ڪيا، دوست ملڪن وڏي پئماني تي امداد موڪلي. شهباز شريف چيو ته يوڪرين جنگ جي ڪري پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مهانگائي جو طوفان آيو، بدقسمتي سان گذريل سال ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿيڻ جي ڪري ٻاهرئين ملڪ مان لکين ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي لاءِ اربين ڊالر خرچ ڪرڻا پيا، تيل جي درآمد تي 27 ارب ڊالر خرچ ٿيا. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي ڪاميابي جي لاءِ حڪومت خاص طور تي ناڻي واري وزير، پرڏيهي وزير ۽ ناڻي واري وزارت جي ڪوششن سان معاهدو ڪرڻ ۾ ڪاميابي ملي، ڏيوالپڻو ٿيڻ جو خطرو ٽري چڪو آهي، ملڪ جي معاشي نظام ۾ سڌارا لازمي آهن، بوسيده اسٽرڪچر ۾ تبديلي آڻڻ گهرجي، معيشت، صنعت ۽ حرفت، ڪاروبار ۽ زراعت کي ترقي ڏيڻ گهرجي، اسان ان حوالي سان منصوبابندي ڪئي آهي، ايس آءِ ايف سي معاشي بحالي جي لاءِ جوڙيل فورم آهي، ملڪ ۾ زراعت، معدنيات ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن جي ترقي جي لاءِ آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو. هن چيو ته ايندڙ چونڊن جي نتيجي ۾ جيڪا به حڪومت قائم ٿيندي ان کي انهن رخن تي ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته بجلي ۽ گئس سستي ڏيڻ آسان ڪم نه آهي، بجلي چوري ۽ لائين لاسز وڏو چئلينج آهي، سرڪاري کاتن جون خرابيون ۽ وڏي پئماني تي بدعنواني جهڙا مسئلا درپيش آهن، خساري ۾ هلندڙ ادارن تي 600 ارب رپيا خرچ ٿين ٿا، گردشي قرض هڪ ٻيو چئلينج آهي، غريب ماڻهو تي بجلي جي قيمتن جو وڌيڪ بار نه ٿا وجهي سگهون، ڪاروباري ماڻهن تي اهو بار وجهنداسين ته اهي دنيا جو مقابلو ڪيئن ڪندا. هن چيو ته سمورن چئلينجز جي باوجود ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، آءِ ايم ايف جي شرطن جا پابند آهيون، ماضي جي حڪومت وانگر غطلي نه ڪنداسين ته معاهدو ڪري ٽوڙي ڇڏيون پر معاهدي جي پاسداري ڪنداسين، مشڪلاتن ۽ چئلينجز جي باوجود ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪري ميثاق معيشت ڪرڻو پوندو جنهن تي تسلسل سان عمل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي 22 ڪروڙ عوام جي مفاد کي ترجيح ڏيڻي پوندي، اسان کي ماضي جي غلطين مان سبق سکي هر مشڪل جو مقابلو ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪرڻو پوندو، اسان ڏينهن رات محنت ڪري سموريون منزلون طئي ڪنداسين. ان موقعي تي وزيراعظم اسلام آباد ماڊل خصوصي اقتصادي زون جي پيڙهه جو پٿر رکيو ۽ فائونڊيشن اسٽون تي پنهنجون صحيحون ڪيون. منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم سيد مرتضيٰ محمود ۽ قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سميت ٻيا پارليامينٽ ميمبر پڻ موجود هئا.