لندن _ 3 جولاءِ (اي پي پي ) انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي اهتمام هيٺ هلندڙ سال جاري وائٽيلٽي ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي ڪوارٽر فائنل لائن اپ مڪمل ٿي ويو . سمر سيٽ، نوٽنگم شائر ، واروڪشائر ، ايليلس ، لنڪا شائر ، سري ، هيمپشائر ، ورسيسٽر شائر جون ٽيمون ٽاپ ايٽ رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي . ٽورنامنٽ پنهنجي آخري مرحلي طرف وڌي رهيو آهي . ٽي ٽونٽي ٽورنامنٽ ۾ 6 جولاءِ تي هڪ ڪوارٽر فائنل کيڏيو ويندو . جنهن ۾ وارو ڪشائر ۽ ايليلس جون ٽيمون ايجسٽن برمنگم جي هنڌ تي مقابلو ڪنديون .