اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا 9 مئي جي واقعن جي خلاف هٿياربند فوج جي ترجمان جي بيان جي تائيد ۽ حمايت ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته رياست، آئين، قانون ۽ قومي وقار جي خلاف منظم دهشتگردي ۽ ملڪ ۽ رياستي دشمني ڪندڙن سان ڪا رعايت نه ڪئي وڃي ۽ آئين ۽ قانون موجب سخت ترين ڪارروائي ڪري ملوث عنصرن کي عبرت جو مثال بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي غور ٿيو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ عمران خان جي القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ قانوني طور تي گرفتاري ۽ اوچتو سپريم ڪورٽ جي حڪم تي آزادي بابت حقيقتن بابت ڪابينا کي بريفنگ ڏني. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله 9 مئي 2023ع تي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاران حساس رياستي ادارن، عمارتن، جناح هائوس، شهيدن ۽ غازين جي يادگارن جي بي حرمتي، ڀڃ ڊاهه، قومي نشريات روڪرائڻ، سوات موٽروي، ريديو پاڪستان سميت ٻين سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن ۽ گاڏين کي ساڙڻ، سرڪاري اهلڪارن ۽ عام شهرين تي تشدد، مريضن کي لاهي ايمبولينسز کي ساڙڻ جهڙن سمورن واقعن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ چيو ته ان کي آئيني ۽ جمهوري احتجاج نه ٿو چئي سگهجي. اها دهشتگردي ۽ ملڪ دشمني آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي. اجلاس 9 مئي جي واقعن جي خلاف هٿياربند فوج جي ترجمان جي بيان جي تائيد ۽ حمايت ڪندي فيصلو ڪيو ته رياست، آئين، قانون ۽ قومي وقار جي خلاف منظم دهشتگردي ۽ ملڪ ۽ رياستي دشمني ڪندڙن سان ڪا رعايت نه ڪئي وڃي ۽ آئين ۽ قانون موجب سخت ترين ڪارروائي ڪري ملوث عنصرن کي عبرت جو مثال بڻايو وڃي. اجلاس افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته 75 سالن ۾ پاڪستان جو ازلي دشمن جيڪو نه ڪري سگهيو اهو ڪم هڪ شرپسند فارن فنڊيڊ پارٽي ۽ ان جي اڳواڻن ڪري ڏيکاريو آهي. اجلاس عوام کي خراج تحسين پيش ڪيو ته انهن ڪرپشن، 60 ارب رپين جي قومي ناڻي جي ڦرلٽ ڪرڻ ۽ 9 مئي جي ڏينهن ملڪ دشمني، دهشتگردي جي منصوبابندي جي ماسٽر مائينڊ جي گرفتاري کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو ۽ آئين ۽ قانون جو ساٿ ڏنو. اجلاس هٿياربند جٿن جي وسندڙ گولين ۾ عوام جي جان ۽ مال ۽ رياستي سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي جانين جي پرواهه نه ڪندي تحفظ ۽ دفاع جو فرض نڀائيندڙ پاڪ فوج، رينجرز، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ سمورن ادارن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ قومي خدمت جي انهن جي جذبي کي ساراهيو. اجلاس قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان يڪجهتي ڪندي واضح ڪيو ته لاقانونيت ۾ ملوث عنصرن جي خلاف انهن جي قدمن سان گڏ آهن. اجلاس سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران ڪرپشن ۽ ڪرپٽ پريڪٽسز جي اوپن اينڊ شٽ ڪيس ۾ ائين، قانون ۽ رائج قانوني طريقيڪار موجب گرفتاري تي مداخلت تي افسوس جو اظهار ڪندي شديد ردعمل جو اظهار ڪيو. اجلاس صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي وزيراعظم شهباز شريف کي خط تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته اهو خط ثبوت آهي ته صدر عارف علوي رياست جي سربراهه کان وڌيڪ پارٽي جو ورڪر نظر اچي رهيو آهي. هڪ ڀيرو ٻيهر هن آئين ۽ پاڪستان بدران عمران خان سان پنهنجي تابعداري جو ثبوت ڏنو آهي.