اسلام آباد – 23 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان نواز شريف جو مينڊيٽ چوري ڪري ملڪ تي مڙهيل هو، جيڪا شيءَ پنهنجي نه هجي اصل مالڪ کي واپس ڪرڻي پوندي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي هن چيو ته عمران خان توهان کي خبر آهي ته توهان جو اقتدار ايوان ۾ اڪثريت وڃائڻ سان ختم ٿيو، عمران خان پنهنجي حڪومت کي پنهنجي ڪوڙ، ڪرپشن ۽ نااهلي سان ختم ڪيو، 100 سيڪڙو پاڪستاني چون ٿا ته ملڪي مسئلن جو حل رڳو شفاف اليڪشن آهن پر آئيني مدو پورو ٿيڻ تي آڪٽوبر 2023ع ۾. هن چيو ته عمران خان عوام دشمني ۽ آئين شڪني ۽ ملڪ جي مفاد سان کيڏيو. هن چيو ته اڄ 23 ڊسمبر آهي، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبليون؟ هن چيو ته ملڪ کي ڌٻڻ ڦاسائيندڙ پڇي ٿو ته مون کي ڇو ڪڍيو، ملڪ کي تاريخي قرضن جي ور چاڙهي ڇڏيو ۽ چوي ٿو ته مون کي ڇو ڪڍيو. هن چيو ته عمران خان معاشي تباهي ڪئي، عوام کي تاريخي مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو ۽ هاڻي پڇي ٿو ته مون کي ڇو ڪڍيو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان قومي مفاد سان راند کيڏي، ڪشمير جو سودو ڪيو ۽ پڇي ٿو ته مون کي ڇو ڪڍو. هن چيو ته هي ملڪ ۽ عوام جي نه عمران خان جي انا، تڪبر، فساد، سازش ۽ ڦرلٽ جي جنگ آهي. عمران خان! هي جنگ احتساب کان ڀڄڻ ۽ ملڪ ۽ توشه خانه ڦريندڙن جي خلاف آهي، عمران صاحب! توهان کي نه ڊيل ملندي ۽ ڍر. هن چيو ته عمران خان جي ڦرلٽ جي حڪومت کي بي اعتمادي جي ووٽ جي آئيني طريقي سان هٽايو ويو، ٻهروپيي جو اصل چهرو ڏسي ان جي اتحادين ۽ ان جي ماڻهن ان کي ايوان کان ٻاهر ڪڍيو. هن چيو ته عمران خان جي ڦرلٽ ملڪ جو روزگار تباهه ڪيو.