ڊيره اسماعيل خان – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن سڀني سياسي ۽ مارشل لا حڪومتن دل جي درد کان ڪم ورتو هُجي ها ته اهي حالتون نه هجن ها، جن ملڪن کي اسان گهٽ نظر سان ڏسندا هُئاسين اهي اسان کان اڳتي نڪري ويا، وسيلن سان مالامال هجڻ باوجود اڄ اسان آءِ ايم ايف جا غلام آهيون، اها ڪهڙي آزادي آهي، اسان سڀني کي پنهنجي گريبانن ۾ ڏسڻو پوندو ته اسان پاڪستان کي ڇا ڏنو، برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر آخري ماڻهو جي پنهنجي گهر ۾ آباد ٿيڻ تائين سک سان نه ويهنداسين، 22 ڪروڙ عوام جي مدد محنت ۽ تعاون سان پاڪستان کي قائداعظم جو عظيم ملڪ بڻائڻ جي خواب کي عملي جامعو پارائڻ جي رستي ۾ ڪا به رڪاوٽ يا مشڪل نه ٿي اچي سگهي، وسيلن سان مالامال ملڪ جو معاشي طور تي آءِ ايم ايف جو غلام هجڻ فڪر جو لمحو آهي، اسان کي ان مان محنت ۽ اتحاد سان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي، ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ سڀني کي گڏيل حصو وجهڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم ڊيره اسماعيل خان جي تعلقي درياءَ خان جي يونين ڪائونسل ون ڪورائي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري جي موقعي تي چئي. ان موقعي تي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃان ٿو. وزيراعظم ٻوڏ ۽ برساتن کان متاثر غريب ماڻهن جي ڏکن جو ازالو ڪرڻ جي لاءِ متاثر علائقن جو پاڻ دورو ڪري رهيو آهي. ڊيره اسماعيل خان اچڻ تي سندس ٿورا مڃان ٿو. مولانا فضل الرحمان چيو ته نواز شريف ترقي جو سفر جتي ڇڏيو هو جلد اتان کان شروع ڪندو، گذريل چئن سالن ۾ نواز شريف جا شروع ڪيل سڀئي منصوبا بند رهيا. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پهاڙپور جون 11 مهينن کان 5 يونين ڪائونسلون ٻوڏ کان متاثر ٿي رهيون آهن، هتان جي ماڻهن جو سڄو دارومدار چوپائي مال ۽ زراعت تي آهي، جيڪو سڄو تباهه ٿي ويو آهي. ان موقعي تي وزيراعظم متاثرين کي خطاب ڪندي چيو ته آئون توهان سان همدرديءَ جو اظهار ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيو آهيان. طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ هن پوري علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي. جيتوڻيڪ الله جو شڪر آهي ته ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو، باقي علائقن ۾ فوتگيون به ٿيون آهن. هن چيو ته ٻوڏ سبب گهرن، فصلن، روڊن، پلين کي نقصان پهتو. بلوچستان ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جو اهو فرض آهي ته اهي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ متاثرين سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي انهن جي دادرسيءَ جي لاءِ بيهن. حڪومت ۽ انتظاميا کي اها ذميواري ادا ڪرڻي پوندي. هن چيو ته هتي ٻڌايو ويو آهي ته مقامي انتظاميا سٺو ڪم ڪيو آهي، جڏهن ته صوبائي حڪومت کان گلا آهي. جيتوڻيڪ صوبائي حڪومتون هر جڳهه تي ڪوششون ڪري رهيون آهن، اهڙين آفتن ۾ ڪمزوريون رهجي وينديون آهن، مسئلن جي حل لاءِ گڏيل اتحاد، مشاورت ۽ اتفاق سان اڳتي وڌياسين ته گڏجي پاڪستان جي عوام ۽ علائقن کي مصيبت جي هن گهڙيءَ مان ڪڍي سگهون ٿا. هن چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي وفاقي حڪومت پاران 10 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ جنهن گهر جو هڪ ڪمائڻ وارو هجي ۽ اهو ٻوڏ ۾ فوت ٿي ويو هجي ته ان تي شفقت جو هٿ رکڻ وارو ڪير ناهي هوندو، انهن جي لاءِ اها رقم ڪا حيثيت نه ٿي رکي. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ وفاق ۽ صوبائي حڪومتون توهان سان گڏ بيٺل آهن. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت زخمين جي معاوضي جي رقم 25 هزار مان وڌائي اڍائي لک رپيا ڪري ڇڏي آهي، ڪچن پڪن تباهه ٿيل گهرن جو معاوضو 2 لک مان وڌائي 5 لک رپيا، جزوي نقصان تي معاوضو 25 هزار مان وڌائي اڍائي لک رپيا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران فوت ٿيندڙن تي 10 لک رپيا جڏهن ته صوبو 8 لک رپيا ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي چيو ته ان جي رقم وڌائي 10 لک رپيا ڪري. 2010ع جي اين ايف سي ايوارڊ ۾ اوڳاڙين جو 58 سيڪڙو صوبن کي ڏنو پيو وڃي، ان لاءِ انهن وٽ وسيلن جي ڪا گهٽتائي نه آهي. بلوچستان جي وڏي وزير جا ٿورا مڃان ٿو ته هن فوتگين تي معاوضي جي رقم 10 لک رپيا ڪئي. ٻيا صوبا به ان جي پوئيواري ڪن. هن چيو ته تباهه ٿيندڙ فصلن جي گڏيل سروي جي درخواست ڪئي آهي. اين ڊي ايم اي جو سربراهه هڪ فرض شناس فوجي آفيسر آهي، ان کي چيو آهي ته هو صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ سان گڏجي گڏيل سروي ڪرائي. پاڪ فوج به ان گڏيل سروي ۾ تعاون ڪندي. اسان چاهيون ٿا ته ڪنهن حقدار جو حق نه ماريو وڃي ۽ هر هڪ تائين ان جو حق پهچي. ان سروي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اڳيون مرحلو شروع ڪنداسين. هن چيو ته ٻوڏ سبب تباهه ٿيندڙ روڊن جي سروي ڪري رهيا آهيون. اين ايڇ اي جو چيئرمين جيڪو هاڻي وفاقي سيڪريٽري آهي بهتر ڪم ڪري رهيو آهي. مواصلات واري وفاقي وزير اسعد محمود ۽ امير مقام سڀ گڏجي هتي ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي مسلم ليگ (ن)، اتحادي پارٽين يا ڪا ٻي پارٽي هجي ڪنهن شخص يا پارٽي جو انفرادي ڪم نه آهي پر گڏيل ڪم آهي، ان ۾ سڀني کي حصو وجهڻو آهي. وزيراعظم چيو ته 75 سالن ۾ جيڪڏهن اسان گڏجي ترقي ۽ خوشحالي جي خواب جي تعمير ڪريُون ها ته جن ملڪن کي اسان گهٽ نظر سان ڏسندا هُئاسين ۽ جيڪي اسان سڀني کان تمام گهڻو پٺتي هئا اهي محنت، امانت، ديانت ۽ اتحاد سان اسان کان اڳتي نڪري ويا، انهن کان اسان اڳتي نڪري وڃُون ها. اسوه حسنيٰ ۽ اسان جي دين جو اهو ئي درس آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان لکين مسلمانن جي قربانين سان وجود ۾ آيو. هجرت دوران انهن جي رت سان درياءَ جو پاڻي ڳاڙهو ٿيو. اسان سڀني کي پنهنجي گريبانن ۾ ڏسڻو پوندو ته اسان پاڪستان کي ڇا ڏنو؟ اهو اسان جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي ته وسيلن سان مالامال هجڻ باوجود اڄ سان آءِ ايم ايف جا غلام آهيون، اها ڪهڙي آزادي آهي. جيڪڏهن سڀئي سياسي ۽ مارشل لا حڪومتون دل جي درد سان ڪم وٺن ها ته اهي حالتون نه هجن ها. اسان کي قرآن رزق جي تلاش لاءِ نڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. قرآن جو روح ڏکويل انسان جي خدمت آهي. هن چيو ته 22 ڪروڙ عوام کي چوڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن اسان گڏيل اتحاد، ديانت ۽ امانت سان ڪم ڪنداسين ته پاڪستان قائداعظم جي خواب موجب عظيم کان عظيم ملڪ بڻجندو ۽ ڪي به مشڪلاتُون ۽ پهاڙ ان جي رستي جي رڪاوٽ نه بڻجي سگهندا. وزيراعظم چيو ته هو ٻيهر ڊيره اسماعيل خان جو دورو ڪندو. هن چيو ته آفت جي هن گهڙيءَ ۾ متاثرين سان گڏ آهيون. آخري متاثر ماڻهو کي پنهنجي گهر ۾ آباد ٿيڻ تائين سک سان نه ويهنداسين.