اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آءِ ايس آءِ سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو. اهم وفاقي وزير ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم شرڪت ڪندڙن جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ملڪي سلامتي ۽ افغانستان جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ خطي ۾ درپيش تبديلين تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم قومي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ آءِ ايس آءِ جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي قومي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪئي ويندڙ پيشيواراڻي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو.