اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سنڌ ترقياتي منصوبن تي مقرر مدي ۾ تڪميل، شفافيت ۽ معياري ڪم کي يقيني بڻايو وڃي، سنڌ جي 14 گهٽ ترقي يافته علائقن جي سماجي اقتصادي ترقي اسان جو هدف آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ سنڌ ترقياتي پلان تي اڳڀرائي جو جائزه اجلاس منعقد ٿيو. وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، اسد عمر ۽ محمد حماد اظهر شريڪ ٿيا، وزيراعظم چيو ته سنڌ حڪومت ترقياتي پلان جو مقصد 14 ضلعن جي رهواسين کي معاشي ۽ معاشرتي ترقي آهي. وزيراعظم جي لاڳاپيل کاتن کي حيدرآباد کان سکر موٽر وي ۽ بدين، گهوٽڪي، ٿرپارڪر، ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان، سانگهڙ ۾ اسپورٽس ڪمپليڪس جي تعمير کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته منصوبن جي مقرر مدي ۾ تڪميل، شفافيت ۽ معياري ڪم کي يقيني بڻايو وڃي. 444 ارب روپين جو سنڌ ترقياتي پلان 48 پي ايس ڊي پي منصوبن، غير پي ايس ڊي پي 50 ۽ 7 پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن تي مشتمل آهي، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته مالي سال 22 -2021ع لاءِ ان پلان تحت 26 ترقياتي منصوبن جي منظوري ملي چڪي آهي، 8 وفاقي وزارتن ۽ کاتن کي 16.304 ارب روپين جي منظوري به ڏني وئي آهي، سنڌ ترقياتي پلان ۾ رستن، موٽر وي، هائوسنگ، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام، آبي وسيلا، صحت، اعليٰ تعليم، ووڪيشنل ٽريننگ، ڊزاسٽرمينيجمينٽ، ريلوي، توانائي ۽ راندين جي سهولتن جا منصوبا شامل آهن.