احمد آباد-17 نومبر(اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ 2023ع جي 13 هين ايڊيشن جو فائينل ميزبان ڀارت ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ آچر 19 نومبر تي نريندر مودي اسٽيڊيم احمد آباد ۾کيڏيو ويندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ منهجبد جو ڏيڍ وڳي کيڏي ويندي جيڪا ڊي اينڊ نائيٽ هوندي. ڀارتي ٽيم جي قيادت روهت شرما جڏهن ته ڪينگروز جي اڳواڻي پيٽ ڪمنز ڪري رهيا آهن. آسٽريليا جي ٽيم اٺون ڀيرو عالمي ڪپ جي فائنل ۾ پهتي آهي ۽ 5 ڀيرا ورلڊ ڪپ پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي. اهڙيءَ ريت ڀارت چوٿون ڀيرو عالمي ڪپ جي فائنل ۾ پهتي آهي جيڪا 02 ڀيرا ورلڊ ڪپ پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي. هلندڙ عالمي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم 10 ميچن ۾ ناقابل شڪست رهي آهي جڏهن ته آسٽيليا 10 ميچن مان 08 ميچن ۾ ڪاميابي ماڻي فائينل ۾ جاءِ ٺاهي آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ فائينل 19 نومبر آچر تي نريندر مودي اسٽيڊيم احمد آباد ۾ کيڏيو ويندو جتي اٽڪل هڪ لک 32 هزار تماشائين جي ويهڻ جي گنجائش آهي.