اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ مسلمان رسول ﷺ جي ڏوهيٽي امام حسين رضه ۽ سندس ساٿين جي قرباني کي ياد ڪندي کين خراج عقيدت پيش ڪيو، حضرت امام حسين ثابت ڪيو ته باطل جڏهن به حق سان ٽڪرايو آهي تباهه ۽ برباد ٿيو آهي، حضرت امام حسين ۽ ڪربلا جي شهيدن جي عظيم قربانين دين اسلام جي آفاقي اصولن کي قيامت تائين زنده ڪري ڇڏيو. عاشورا جي ڏهاڙي (10 محرم الحرام) تي پنهنجي ٽوئيٽ ۽ بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته رسول ﷺ جو ڏوهيٽو ڪردار ۽ عمل سان حق جو آواز بلند ڪرڻ ۽ مظلومن کي ظلم ۽ جبر خلاف ڄمي بيهڻ جو حوصلو ڏنو آهي. ڪربلا واقعو، حق ۽ باطل، سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ ٿيندڙ عظيم جنگ هئي، جنهن اڄ تائين پنهنجو اثر ناهي وڃايو. انهي عظيم قرباني جي ڪري اڄ اسلام زنده ۽ سربلند آهي. هن چيو ته معاشري ۾ ايثار، اخوت، برداشت جي جذبن کي فروغ ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. ڪربلا جي شهيدن جو سفر، جرئت ۽ قربانيون رهندڙ دنيا تائين مظلوم قومن کي حوصلو ۽ ولوله عطا ڪنديون رهنديون. هن چيو ته عاشورا جي ڏهاڙي تي اسان کي حقيقي معنيٰ ۾ حضرت امام حسين جي روشن تعليمات موجب عمل ڪرڻ جو وچن ڪرڻو آهي.