نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار منيلا ۾ منعقد ٿيندڙ 33هين آسيان ريجنل فورم وزارتي اجلاس ۾ پاڪستان جي وفد جي قيادت ڪندو

اسلام آباد - 21 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 23 جولاءِ تي فلپائن جي گادي واري شهر منيلا ۾ منعقد ٿيندڙ 33هين آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) وزارتي اجلاس ۾ پاڪستان جي وفد جي قيادت ڪندو. اڱاري ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب اعلى سطح جي اجلاس ۾ اي آر ايف جي  27 ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير ۽ نمائندا …

اسلام آباد – 21 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 23 جولاءِ تي فلپائن جي گادي واري شهر منيلا ۾ منعقد ٿيندڙ 33هين آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) وزارتي اجلاس ۾ پاڪستان جي وفد جي قيادت ڪندو. اڱاري ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب اعلى سطح جي اجلاس ۾ اي آر ايف جي  27 ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير ۽ نمائندا شرڪت ڪندا. آسيان جو سيڪريٽري جنرل پڻ اجلاس ۾ شريڪ هوندو. اي آر ايف وزارتي اجلاس دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايشيا پيسفڪ خطي کي دپيش سياسي ۽ سلامتي بابت معاملن تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ حصو وٺندو، جتي مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي امن، استحڪام ۽ گڏيل تعاون جي فروغ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پنهنجي فلپائني هم منصب سميت مختلف شريڪ ملڪن جي اعلى عملدارن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. 1994ع ۾ قائم ٿيندڙ آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) علائقائي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي گهڻ رخي مشاورت جو هڪ اهم پليٽ فارم آهي. پاڪستان 2004ع ۾ ان فورم جو ميمبر بڻيو ۽ تڏهن کان فورم جي علائقائي پروگرامن ۽ مقصدن جي فروغ ۾ مسلسل فعال ۽ تعميري ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

مزید خبریں