نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آمريڪي ناظم الامور نيٽلي اي بيڪر جي ملاقات، ٻطرفي تعاون ۽ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد - 15 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيندي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي باقاعدگي سان رابطو برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آمريڪي ناظم الامور نيٽلي اي بيڪر ملاقات …

اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيندي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي باقاعدگي سان رابطو برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اڱاري ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان آمريڪي ناظم الامور نيٽلي اي بيڪر ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون ۽ خطي جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪي ناظم الامور پائيدار امن جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي اهميت تي زور ڏنو. اسحاق ڊار پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي کي ساراهيندي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي باقاعدگي سان رابطو برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ ٿيندڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان جي وفد جي قيادت وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪندو.

مزید خبریں