اسلام آباد - 15 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم جي خصوصي ريليف اسڪيم جي ملڪ گير شروعات جو جائزو وٺڻ جي لاءِ فيول سبسڊي بابت قومي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي نائين اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ اسلام آباد ۾ ڪامياب منصوبي کانپوءِ ڪميٽي ملڪ گير شروعات جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب هي اسڪيم …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ فيول سبسڊي بابت قومي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم جي خصوصي ريليف اسڪيم جي ملڪ گير شروعات جو جائزو وٺڻ جي لاءِ فيول سبسڊي بابت قومي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي نائين اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ اسلام آباد ۾ ڪامياب منصوبي کانپوءِ ڪميٽي ملڪ گير شروعات جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب هي اسڪيم موٽرسائيڪلن، ٿري ويلرز ۽ 800 سي سي تائين جي گاڏين بشمول لوڊرز ۽ پڪ اپ تي لاڳو هوندي جنهن جو سمورو خرچ وفاقي حڪومت برداشت ڪندي. رجسٽريشن هاڻي سڄي ملڪ ۾ 9771 تي ايس ايم ايس جي ذريعي کليل آهي. فيول ٽوڪنز جي وصولي اربع ۽ خميس جي وچ واري رات يعني رات 12 وڳي شروع ٿيندي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير هدايت ڪئي ته پيٽرول اسٽيشنن تي ادائيگيون اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ذريعي 24 ڪلاڪن جي اندر اڪلايون وڃن ۽ صوبن کي هدايت ڪئي ته اهي ضلعي سطح تي رابطو مڪمل ڪن ته جيئن گهربل فائدو کڻندڙ ماڻهن تائين ريليف جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پيٽروليم، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن وارن وفاقي سيڪريٽرين، اوگرا چيئرمين، پي ٽي اي جي چيئرمين، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽرين، ايڊيشنل چيف سيڪريٽريز پنجاب ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۽ ٻين وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.










