وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، اعظم نذير تارڙ ۽ مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني سان جماعت اسلامي جي وفد جي ملاقات

اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني سان جماعت اسلامي جي وفد لياقت بلوچ جي اڳواڻي ۾ پيٽروليم ڊويزن ۾ ملاقات ڪئي. وفد کي تازي بحراني صورتحال دوران ملڪ ۾ ٻارڻ جي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت طرفان کنيل جامع قدمن کان آگاهه ڪيو …

اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني سان جماعت اسلامي جي وفد لياقت بلوچ جي اڳواڻي ۾ پيٽروليم ڊويزن ۾ ملاقات ڪئي. وفد کي تازي بحراني صورتحال دوران ملڪ ۾ ٻارڻ جي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت طرفان کنيل جامع قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. پيٽروليم ڊويزن واري ترجمان موجب پي اي آر سي او، پي آر ايل ۽ سينرجيڪو سميت وڏين ريفائنرين جي سربراهن جڏهن ته پي ايس او ۽ اوگرا جي نمائندن به وفد کي پيٽروليم شعبي جي آپريشنل انتظام ۽ سڄي ملڪ ۾ ٻارڻ جي وڏي مقدار ۾ فراهمي برقرار رکڻ لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني. وفد کي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي طريقيڪار سميت 7 ڏينهن جي رولنگ ايوريج تي ٻڌل قيمتن جي تعين جي نظام کان به آگاهه ڪيو ويو. علائقائي ملڪن ۾ پيٽروليم منصوعات جي قيمتن ۽ ٻارڻ جي فراهمي جي انتظام جو چٽاڀيٽي جائزو به پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ صورتحال جي ڀيٽ ۾ بهتر انتظام ڪيو آهي. ان موقعي تي وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته حڪومت صارفين جي تحفظ ۽ ٻارڻ جي دستيابي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع قدم کنيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشري جي ڪمزور طبقن لاءِ هدفي رليف اسڪيم شروع ڪئي آهي. هن چيو ته موٽرسائيڪلن، ٻن ۽ ٽن ڦيٿن واري گاڏين، ۽ ننڍين ڪارن لاءِ هدفي سبسڊي فراهم ڪئي پئي وڃي، جيڪا پيٽروليم ليوي کان به وڌيڪ آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ريفائرنرين جي اپ گريڊيشن تي به ڪم ڪري رهي آهي جنهن سان يورو فائيو معيار موجب ٻارڻ جي پيداوار ۽ فرنس آئل جي پيداوار ۾ گهٽتائي ممڪن ٿيندي. قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته عوام کي رليف جي فراهمي وزيراعطم جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تازي سفارتي ڪاميابين سان عالمي سطح تي پاڪستان جي پوزيشن وڌيڪ مستحڪم ٿي آهي. مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو ته حڪومت ٽيڪس نيٽ کي سگهه ڏيڻ ۽ سڌي ريت ٽيڪسن کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي ته جيئن معيشت کي مستحڪم ۽ اوڳاڙين ۾ بهتري آڻي سگهجي. جماعت اسلامي جي وفد موٽرسائيڪلن، رڪشائن ۽ ننڍين گاڏين لاءِ حڪومت جي هدفي رليف وارن قدمن جي آجيان ڪئي. لياقت بلوچ رليف قدمن کي ساراهيندي زور ڀريو ته فوري رليف سان گڏوگڏ بنيادي مسئلن جي مستقل ۽ پائيدار حل لاءِ به قدم کنيا وڃن جن ۾ پيٽروليم ليوي ۾ گهٽتائي به شامل آهي. وفاقي وزيرن وفد کي خاطري ڪرائي ته سندن سفارشون وزيراعظم آڏو رکيون وينديون، ملاقات ۾ تونائي جي تحفظ، صارفين جي مفادن جي تحفظ ۽ ملڪ جي پيٽروليم شعبي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ وسيع تر قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

مزید خبریں