وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پاران شگر ملز مالڪن کي ڪمند جي آبادگارن کي وقت سر ادائيگيون يقيني بڻائڻ جي هدايت

اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ شگر ايڊوائيزري بورڊ جو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ کنڊ جي مجموعي دستيابي، موجوده ذخيرن ۽ ملڪي ضرورتن جو جائزو ورتو ويو. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق جي واري وزارت جي پڌرائي موجب اجلاس ۾ سمورن صوبن، آبادگارن ۽ شگر ملز ايسوسيئيشن جي نمائندن شرڪت ڪئي. …

اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ شگر ايڊوائيزري بورڊ جو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ کنڊ جي مجموعي دستيابي، موجوده ذخيرن ۽ ملڪي ضرورتن جو جائزو ورتو ويو. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق جي واري وزارت جي پڌرائي موجب اجلاس ۾ سمورن صوبن، آبادگارن ۽ شگر ملز ايسوسيئيشن جي نمائندن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن دستياب انگن اکرن جو تفصيلي جائزو وٺندي صارفين، آبادگارن ۽ شگر انڊسٽري جي موقف سان کنڊ جي مجموعي صورتحال تي غور ڪيو. دستياب انگن اکرن، ملڪي ضرورتن ۽ کنڊ جي موجوده ذخيرن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ اجلاس ۾ 2 لک ٽن کنڊ آمدني واپار ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وفاقي وزير شگر ملز مالڪن کي هدايت ڪئي ته ڪمند جي آبادگارن کي وقت سر ادائيگيون يقيني بڻايون وڃن ۽ آبادگارن جي مفادن جو هر ممڪن تحفظ ڪيو وڃي. هن چيو ته آبادگار زرعي معيشت جو اهم ٿنڀ آهن ۽ انهن جي جائز مفادن جو تحفظ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. وفاقي وزير چيو ته آبادگارن جي مفادن جو تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، جڏهن ته شگر سيڪٽر جي پائيدار ترقي لاءِ آبادگارن ۽ صنعت جي مفادن ۾ توازن برقرار رکڻ به ضروري آهي. هن چيو ته کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جو فيصلو ملڪي ضرورتن ۽ دستياب ذخيرن جو جامع جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪيو ويو آهي. حڪومت کنڊ جي ملڪي مارڪيٽ ۾ مناسب دستيابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ صورتحال جي مسلسل نگراني جاري رکندي. وفاقي وزير شگر سيڪٽر ۾ استحڪام لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، آبادگارن ۽ شگر انڊسٽري وچ ۾ موثر رابطاڪاري جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته آئنده به فيصلا دستياب انگن اکرن ۽ زرعي معيشت جي وسيع تر مفادن کي نظر ۾ رکندي ڪيا ويندا. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته آبادگارن جي مفادن جو تحفظ، غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ شگر سيڪٽر جي متوازن ۽ پائيدار ترقي لاءِ موثر قدم جاري رکيا ويندا.

مزید خبریں