اسلام آباد - 15 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم جي فيول ريليف اسڪيم جي انتظامي پيروي بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته رجسٽريشن کي آسان ۽ پهچ جوڳو رکيو وڃي ته جيئن فائدو کڻڻ جي خواهشمند ماڻهن کي وڌ کان وڌ فائدو پهچي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ وزيراعظم جي فيول ريليف اسڪيم جي انتظامي پيروي بابت اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم جي فيول ريليف اسڪيم جي انتظامي پيروي بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته رجسٽريشن کي آسان ۽ پهچ جوڳو رکيو وڃي ته جيئن فائدو کڻڻ جي خواهشمند ماڻهن کي وڌ کان وڌ فائدو پهچي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سمورن لاڳاپيل ماڻهن کي هدايت ڪئي ته اهي موثر عوامي رابطي ۽ پيٽرول اسٽيشنن تي بنا رڪاوٽ عملدرآمد کي يقيني بڻائين. وزيراعظم جي هدايتن موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چونڊيل نمائندن تي زور ڀريو ته اهي اسڪيم بابت معلومات ڦهلائين ۽ رجسٽريشن ۾ سهولت فراهم ڪن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته وزيراعظم يوٿ پروگرام جي رضاڪارن کي عوامي رابطي ۽ رجسٽريشن جي لاءِ شامل ڪيو وڃي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته اسڪيم اسلام آباد ۾ فعال آهي ۽ 16 سيپٽمبر 2026ع تي رات 11 لڳي 59 منٽن تي پوري پاڪستان ۾ شروع ڪئي ويندي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير، آءِ ٽي واري وفاقي وزير، پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير، ناڻي واري مملڪتي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون، آءِ ٽي واري سيڪريٽري ۽ اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري مان قومي اسيمبلي ميمبرن شرڪت ڪئي.










