وفاقي وزير احد چيمه سان برطانيه جي فارن، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمينٽ آفيس جي ترقياتي معاملن واري ڊائريڪٽر سام والڊاڪ جي ملاقات

اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيمه سان برطانيه جي فارن، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمينٽ آفيس (ايف سي ڊي او) جي ترقياتي معاملن واري ڊائريڪٽر سام والڊاڪ اڱاري ڏينهن هتي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفي سهڪار، جاري ترقياتي قدمن ۽ پاڪستان جي سڌارن واري ايجندا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اقتصادي معاملن واري ڊويزن مان جاري پڌرائي مطابق ملاقات دوران وفاقي …

اسلام آباد- 21 جولاءِ (اي پي پي) اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد چيمه سان برطانيه جي فارن، ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمينٽ آفيس (ايف سي ڊي او) جي ترقياتي معاملن واري ڊائريڪٽر سام والڊاڪ اڱاري ڏينهن هتي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفي سهڪار، جاري ترقياتي قدمن ۽ پاڪستان جي سڌارن واري ايجندا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اقتصادي معاملن واري ڊويزن مان جاري پڌرائي مطابق ملاقات دوران وفاقي وزير، ٽيرف پاليسي ۾ سڌارن ۽ شعبي جاتي سان لاڳاپيل جامع پاليسين جن ۾ موبائل پاليسي، صنعتي پاليسي ۽ معاشي مسابقت شامل آهن کي کي وڌائڻ ۽ پائيدار اوسر کي هٿي وٺرائڻ وارن ٻين قدمن لاءِ حڪومت جي جاري ڪوششن جو خاڪو پيش ڪيو. سام والڊاڪ ٽيرف پاليسي سڌارن تي حڪومتي ڪوششن جي آجيان ڪئي ۽ مختلف شعبن لاءِ سڌارن واري ايجنڊا کي ساراهيو. هن اهم شعبن ۾ جاري سهڪار ذريعي پاڪستان جي ترقياتي ترجيحن جي حمايت لاءِ برطانيه جي مسلسل عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير اسٽريٽجڪ انيشيٽو يونٽ (ايس آءِ يو) لاءِ ايف سي ڊي او جي قيمتي تعاون کي ساراهيو، جيڪو مربوط ڊيليوري ميڪانزم ذريعي پاليسين جي نفاذ کي مضبوط بڻائي رهيو آهي. هن اداره جاتي سڌارن کي اڳتي وڌائڻ ۾ گورننس ريفامز يونٽ جي معاونت تي به ايف سي ڊي او جو شڪريو ادا ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي موجوده طريقيڪار سان ذخيره اندوزي جي روڪٿام ۽ مارڪيٽ جي استحڪام ۾ مدد ملي آهي، جنهن سان وڌيڪ شفافيت ۽ ڪارڪردگي قائم ٿي آهي. وفاقي وزير احد چيمه، پاڪستان جي ترقي ۽ سڌارن واري ايجنڊا لاءِ برطانيه جي ديرينه شراڪت داري ۽ مسلسل تعاون تي شڪريو ادا ڪيو.

مزید خبریں