اسلام آباد - 21 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي بهتر نگراني جي لاءِ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) کي پنهنجي ريگيوليٽري مڪينزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي ميڊيا ورڪرز جي پگهارن جي ادائيگي جو معاملو ميڊيا ادارن آڏو اٿارڻ جي هدايت ڪئي آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڱاري ڏينهن هتي پيمرا …
قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس، پيمرا کي پنهنجي ريگيوليٽري مڪينزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ اطلاعات واري وزارت کي ميڊيا ورڪرز جي پگهارن جي ادائيگي جو معاملو ميڊيا ادارن آڏو اٿارڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي بهتر نگراني جي لاءِ پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) کي پنهنجي ريگيوليٽري مڪينزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي ميڊيا ورڪرز جي پگهارن جي ادائيگي جو معاملو ميڊيا ادارن آڏو اٿارڻ جي هدايت ڪئي آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڱاري ڏينهن هتي پيمرا هيڊڪوارٽرز ۾ منعقد ٿيو. اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي ميمبر پلين بلوچ ڪئي. ڪميٽي کي پيمرا ڪائونسلز آف ڪمپلينٽس ۽ اٿارٽي پاران پنهنجي ريگيوليٽري مينڊيٽ جي تڪميل جي حوالي سان ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني وئي. پيمرا چيئرپرسن ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل (آپريشنز) ڪميٽي کي اٿارٽي جي معاملن، ڪارڪردگي، تنظيمي ڍانچي، پيمرا بورڊ ۽ ڪائونسلز آف ڪمپلينٽس جي جوڙجڪ بابت بريفنگ ڏني. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته پيمرا ايڪٽ تحت اٿارٽي کي اليڪٽرانڪ ميڊيا کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ ان کي ريگيوليٽ ڪرڻ جو مينڊيٽ ڏنو ويو آهي. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته 2023ع ۾ پارليامينٽ پاران ايڪٽ ۾ ترميم جي ذريعي پيمرا کي اليڪٽرانڪ ميڊيا ورڪرز جي پگهارن جي عدم ادائيگي بابت شڪايتون ٻڌڻ جي ذميواري ڏني وئي. ڪميٽي کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ترميمن جي ذريعي اٿارٽي جي ريگيوليٽري مڪينزم کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويو آهي. عملدارن ڪميٽي کي پيمرا ۽ ڪائونسل آف ڪمپلينٽس ۾ التوا هيٺ ۽ اڪلايل شڪايتن جي انگ بابت پڻ آگاهه ڪيو. بريفنگ دوران ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل (آپريشنز) ڪميٽي کي ٻڌايو ته وفاقي ۽ صوبائي سطح تي قائم ڪائونسلز آف ڪمپلينٽس کي پنهنجي آڏو داخل شڪايتن تي فيصلا ڪرڻ ۽ تعزيري اصلاحي يا ٻين مناسب قدمن جي ذريعي انهن کي اڪلائڻ جي لاءِ پيمرا اٿارٽي کي سفارشون موڪلڻ جو اختيار حاصل آهي. ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويو ته اسلام آباد ۽ بلوچستان جي ڪائونسلز آف ڪمپلينٽس کي نوٽيفائي ڪيو ويو آهي جڏهن ته پنجاب ۽ سنڌ جي ڪائونسلز آف ڪمپلينٽس جي جوڙجڪ بابت سمريون اڳ ۾ ئي مجاز اٿارٽي کي منظوري جي لاءِ موڪليون ويون آهن. ڪميٽي ٽي وي ڊرامن ۽ اشتهارن بابت ضابطه اخلاق تي سختي سان عملدرامد جي هدايت ڪندي چيو ته نشريات سماجي ۽ مذهبي قدرن موجب هجڻ گهرجي. ڪميٽي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي اها به هدايت ڪئي ته ميڊيا ادارن جي رهتن جي ادائيگي کي ميڊيا ورڪرز کي وقت سر پگهارن جي فراهمي سان مشروط ڪيو وڃي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ڪميٽي ميمبرن سعد وسيم، نديم عباس، آسيه ناز تنولي، رومينه خورشيد عالم، ڪرن حيدر، شاهين، سحر ڪامران، سيد امين الحق، راڻا انصر، مولانا عبدالغفور حيدري (وڊيو لنڪ ذريعي) ۽ ڪرن عمران ڊار (وڊيو لنڪ ذريعي)، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سيڪريٽري، پيمرا چيئرپرسن ۽ وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن سميت پيمرا جي ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.










