اسلام آباد - 21 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 22 کان 23 جولاءِ تائين فلپائن جي گادي واري شهر منيلا ۾ ٿيندڙ 33هين آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد کان روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اجلاس دوران خطي ۽ عالمي سطح تي اهم سياسي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار 33هين آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ فلپائن روانو

مزید خبریں
اسلام آباد – 21 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 22 کان 23 جولاءِ تائين فلپائن جي گادي واري شهر منيلا ۾ ٿيندڙ 33هين آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد کان روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اجلاس دوران خطي ۽ عالمي سطح تي اهم سياسي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ٿيندڙ بحثن ۾ شرڪت ڪندو ۽ ايشيا خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ڳالهه ٻولهه جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندو. دوري جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار فورم ۾ شريڪ مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ ٻين اعلى شخصيتن سان پڻ ملاقاتون ڪندو جن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.










