راولپنڊي - 21 جولاءِ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشان امتياز (ملٽري)، هلالِ جرئت سان اسلامي جمهوريه ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڌرين علائقائي سلامتي، موثر تعاون ۽ گڏيل خوشحالي جي فروغ جي لاءِ ويجهي رابطن ۽ گڏيل تعاون جي طريقيڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم …
چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان اسلامي جمهوريه ايران جي گهرو وزير جي ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي – 21 جولاءِ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، نشان امتياز (ملٽري)، هلالِ جرئت سان اسلامي جمهوريه ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڌرين علائقائي سلامتي، موثر تعاون ۽ گڏيل خوشحالي جي فروغ جي لاءِ ويجهي رابطن ۽ گڏيل تعاون جي طريقيڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اڱاري ڏينهن پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، علائقائي ۽ ٻطرفي سيڪيورٽي ۽ موثر سرحدي انتظام بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايراني گهرو وزير خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ، تڪرارن جي پرامن حل جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ امن ۽ استحڪام جي لاءِ هڪ موثر ڪردار ادا ڪرڻ ۾ پاڪستان جي مستقل ڪوششن ۽ لازمي سفارتي ڪردار کي ساراهيو. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي طرفن کان علائقائي سلامتي، موثر تعاون ۽ گڏيل خوشحالي جي فروغ جي لاءِ ويجهي رابطن ۽ گڏيل تعاون جي طريقيڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.










