اسلام آباد/ باڪو- 21 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان قانون، انصاف ۽ عدالتي سڌارن جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ترجمان موجب ان اتفاق جو اظهار باڪو ۾ پاڪستان جي قانون ۽ انصاف بابت مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ ۽ آذربائيجان جي انصاف واري وزير فريد احمدوف وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ ڪيو ويو. ملاقات پاڪستان ۽ آذربائيجان …
قانون ۽ انصاف واري مملڪتي وزير جي آذربائيجان جي انصاف واري وزير سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد/ باڪو- 21 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان قانون، انصاف ۽ عدالتي سڌارن جي شعبن ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ترجمان موجب ان اتفاق جو اظهار باڪو ۾ پاڪستان جي قانون ۽ انصاف بابت مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ ۽ آذربائيجان جي انصاف واري وزير فريد احمدوف وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ ڪيو ويو. ملاقات پاڪستان ۽ آذربائيجان جي انصاف واري وزارت وچ ۾ طئي ٿيل مفاهمتي يادداشت تحت باڪو ۾ جاري دي جوڊيشل ڪرافٽ ايگزيڪيوٽو جوڊيشل ٽريننگ پروگرام جي موقعي تي ٿي. پاڪستاني وفد ۾ آذربائيجان ۾ پاڪستان جو سفير قاسم محي الدين، قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سينئر ڪنسلٽنٽ ۽ انٽرنيشنل ميڊي ايشن اينڊ آربيٽريشن سينٽر جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر عائشه رسول ۽ آءِ ميڪ جو رجسٽرار احسان الله خان شامل هئا، جڏهن ته آذربائيجان پاران انصاف واري وزارت جي عالمي تعاون جي ڊائريڪٽر جنرل عادل ابيلوف ۽ جسٽس اڪيڊمي جي ريڪٽر روشن اسماعيلوف سميت اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. آذربائيجان جي انصاف واري وزير فريد احمدوف پاڪستاني وفد جي آجيان ڪندي بنهي ملڪن وچ ۾ تاريخي دوستي ۽ مضبوط ٿيندڙ لاڳاپن جي تعريف ڪئي. هن انصاف واري وزارت وچ ۾ قائم تعاون کي مثالي قرار ڏيندي مختلف شعبن ۾ اداره جاتي رابطن کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. بئريسٽر عقيل ملڪ وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ پاران نيڪ تمنائن جو پيغام پهچائيندي چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن وچ ۾ شراڪتداري کي اهڙي عملي تعاون ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي ادارن کي فائدا حاصل ٿين. ملاقات ۾ مفاهمتي يادداشت تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان ڳالهه تي اطمينان جوا ظهار ڪيو ويو ته تعاون رڳو هڪ فريم ورڪ تائين محدود ناهي پر عملي صورت اختيار چڪو آهي. ان سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ ايڊوانسڊ ٽريٽي پريڪٽس: فرام سگنيچر ٽو ڊوميسٽڪ لا پروگرام ۽ باڪو ۾ دي جوڊيشل ڪرافٽ تربيتي پروگرام جي بندوبست کي اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ويو. ٻنهي وزيرن عدالتي تعليم، اداره جاتي سگهه، قانوني تحقيق، قانون سازي، انصاف جي نظام جي ڊجيٽل تبديلي، ٽياڪڙي ۽ مصالحت جهڙن متبادل تڪراري حلن کي هٿي ڏيڻ تي تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ان کان علاوه عدالتي اڪيڊميون، قانوني ماهرن ۽ انصاف جي شعبي سان سلهاڙيل ادارن وچ ۾ مسلسل مٽاسٽا کي به اهم قرار ڏنو ويو ته جيئن تجربن ۽ بهترين عالمي طريقيڪار مان فائدو کڻي سگهجي. ملاقات ۾ عدالتي نظام ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي وڌندڙ ڪردار تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي ڌرين عدالتي انتظام، ڊجيٽل انصاف جي قدمن ۽ نئين ٽيڪنالاجيز جي ذميواراڻي استعمال ذريعي انصاف جي فراهمي کي وڌيڪ موثر، پهچ جوڳو ۽ عوام جي اعتماد وڌائڻ تي زور ڀريو. ٻنهي ملڪن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته مفاهمتي يادداشت تي باقاعده اداره جاتي رابطا، گڏيل پروگرامن ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ذريعي عمل درآمد جاري رکيو ويندو ته جيئن قانون جي حڪمراني مضبوط ٿئي، پيشيواراڻي صلاحيتن ۾ اضافو ٿئي ۽ جديد، موثر ۽ عوام دوست انصاف واري نظام جي قيام ۾ مدد ملي.










