اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عاشوري جو ڏهاڙو مسلمان امت سميت اهل پاڪستان کي حسينيت جي پيغام ۽ ان جي تاريخ ساز ڪردار جي ياد ڏياري ٿو. حضور ﷺ جي ڏوهيٽي جي عظيم قرباني اسلام جو سربلند ڪيو. ڪربلا جي شهيدن حق ۽ صداقت جي راهه ۾ جانثاري جي عظيم تاريخ رقم ڪئي. خميس ڏينهن عاشوري جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته امام عالي مقام عه جي جانثار ساٿين جي ناموس رسالت ﷺ جي خاطر عظيم قرباني سڄي دنيا لاءِ مشعل راهه آهي. هن چيو ته عاشوري جو ڏينهن حق ۽ صداقت جي سرفرازي جو ڏينهن ۽ انهن جي تعليم اسان لاءِ مشعل راهه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي امام عالي مقام جي تعليم تي عمل ڪندي اعليٰ مقصدن، ثابت قدمي ۽ حق لاءِ ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪرڻ گهرجي.