APP62-09 HEAD BALLOKI: February 09 - Prime Minister Imran Khan addressing the gathering at the Inaugural Ceremony of Balloki Nature Reserve Project at District Nankana Sahib. APP photo by Mustafa Lashari

ننڪانه صاحب/ بلوڪي – 09 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گلوبل وارمنگ جي حوالي سان پاڪستان دنيا ۾ اٺين نمبر تي آهي، ٻيلا لڳائڻ شوق نه پر اسان جي مستقبل جي زندگين جو سوال آهي، گذريل 10 سالن ۾ رڳو لاهور مان هزارين وڻ وڍيا ويا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ننڪانه صاحب ۾ بلوڪي وٽ قبضي مافيا کان آزاد ڪرايل 2500 ايڪڙ زمين تي ٻيلا لڳائڻ ۽ وائلڊ لائيف پارڪ قائم ڪرڻ جي حوالي سان ”وڻ پاڪستان جي لاءِ“ ويزن تحت بهار جي موسم 2019ع جي وڻڪاري مهم جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو.