اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته قومي يڪجهتي وقت جي ضرورت آهي، ڪشميرين جي اجتماع ۾ جذباتي جوانن جي تقريرن بدران انهن جي مطالبن تي غور ڪرڻ گهرجي، ڪالعدم ايڪشن ڪميٽيءَ جي ذميدارن باضابطه طور خط لکي ٽياڪڙي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو چيو آهي، جڏهن ته اهو ڪم مان اڪيلي سر نٿو ڪري سگهان. اربع ڏينهن قومي …
قومي يڪجهتي وقت جي ضرورت آهي، ڪشميرين جي اجتماع ۾ جذباتي جوانن جي تقريرن بدران انهن جي مطالبن تي غور ڪرڻ گهرجي: مولانا فضل الرحمان

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته قومي يڪجهتي وقت جي ضرورت آهي، ڪشميرين جي اجتماع ۾ جذباتي جوانن جي تقريرن بدران انهن جي مطالبن تي غور ڪرڻ گهرجي، ڪالعدم ايڪشن ڪميٽيءَ جي ذميدارن باضابطه طور خط لکي ٽياڪڙي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جو چيو آهي، جڏهن ته اهو ڪم مان اڪيلي سر نٿو ڪري سگهان. اربع ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته هي وقت تحمل، سنجيدگي ۽ برداشت جو آهي، اڪثر اسان سياست ۾ حدن کان ٻاهر هليا ويندا آهيون. هن چيو ته غلطين مان سبق سکڻ سٺي ڳالهه آهي. سندس چوڻ هو ته ڪشميري احتجاج تي آهن، اتي چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪيو ويو آهي، منهنجي خيال ۾ ان ۾ ڪو اهڙو نقطو ناهي جنهن تي ڳالهه ٻولهه نه ٿئي، ان ئي اجتماع ۾ پاڪستان جي حق ۾ ڳالهه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪالعدم جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي مون کي خط لکيو جنهن ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جو چيو ويو آهي، اهو مان اڪيلي سر نٿو ڪري سگهان، مون هاڪاري ردعمل ڏنو ۽ پنهنجو وڊيو پيغام جاري ڪيو، جنهن کان پوءِ هن ايندڙ لائحه عمل جو اعلان ڪرڻ هو جيڪو نه ڪيو ويو، انهن طرفان جواب جو انتظار آهي. هن چيو ته ايوان ۾ وزيراعظم ۽ پ پ پ جي قيادت به موجود آهي، احتجاج ڪندڙن جي جواب ۾ وڊيو بيان ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو، حڪومت کي به ان حوالي سان آگاهه ڪيو. سندس چوڻ هو ته مظاهرو ڪندڙن جو ٿورائتو آهيان ته اسان جي جواب جو احترام ڪيو، جيڪڏهن حڪومت ۽ ايڪشن ڪميٽي طرفان ڪو هاڪاري ردِعمل ٿيو ته ان جو حل نڪري ايندو. مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت انهن جي چارٽر آف ڊيمانڊ کي نظر ۾ رکندي جذباتي تقريرن کي نه، اسان کي حڪمت عملي ۽ تحمل جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ايران آمريڪا ٽياڪڙي ۾ پاڪستان جي ڪردار جي هاڪاري اثرن کي سهيڙڻ گهرجي، ڪشمير ۾ بدامني ٿي ته اها پريشان ڪندڙ هوندي. هن چيو ته هن وقت قومي يڪجهتي جي ضرورت آهي، اهڙن بيانن کان پاسو ڪيو وڃي جنهن سان ورهاست ٿئي، اسان ادارن جو احترام ڪريون ٿا.










