اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي اڳواڻي ۾ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ کنيل موثر قدمن جي نتيجي ۾ پاڪستان مان يورپ ڏانهن غير قانوني اميگريشن ۾ 64 سيڪڙو جي رڪارڊ گهٽتائي ٿي، جڏهن ته انٽرنيشنل سينٽر فار مائيگريشن پاليسي ڊولپمينٽ ۽ يورپي يونين جي بارڊر اينڊ ڪوسٽ گارڊ ايجنسي ”فرنيڪس“ غير قانوني اميگريشن جي ازالي لاءِ پاڪستان جي موثر ۽ وقت سر …
پاڪستان مان يورپ غير قانوني اميگريشن ۾ 64 سيڪڙو گهٽتائي، عالمي ادارن پاران موثر قدمن جو اعتراف

مزید خبریں
اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي اڳواڻي ۾ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ کنيل موثر قدمن جي نتيجي ۾ پاڪستان مان يورپ ڏانهن غير قانوني اميگريشن ۾ 64 سيڪڙو جي رڪارڊ گهٽتائي ٿي، جڏهن ته انٽرنيشنل سينٽر فار مائيگريشن پاليسي ڊولپمينٽ ۽ يورپي يونين جي بارڊر اينڊ ڪوسٽ گارڊ ايجنسي ”فرنيڪس“ غير قانوني اميگريشن جي ازالي لاءِ پاڪستان جي موثر ۽ وقت سر فيصلن کي ساراهيندي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. وفاقي وزير محسن نقوي سان انٽرنيشنل سينٽر فار اميگريشن پاليسي ڊولپمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل سوزين راب ۽ فرنيڪس جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر هانس ليئتنس ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جنهن دوران غير قانوني اميگريشن جي روڪٿام ۽ بارڊر مينيجمينٽ کي موثر بڻائڻ لاءِ گڏيل تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ويو. آءِ سي ايم پي ڊي جي وفد ايف آءِ اي جي رسڪ ايناليسس رپورٽ جي خاص طور ساراهه ڪئي ۽ مڪمل خاتمي جي هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان سان هر ممڪن سهڪار جاري رکڻ جي عزم کي ظاهر ڪيو. گهرو وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته وسيلن جي کوٽ باوجود غير قانوني اميگريشن ۾ 64 سيڪڙو گهٽتائي هڪ ڏکيو ٽاسڪ هو جنهن کي پوري ٽيم ڏينهن رات محنت ڪري ممڪن بڻايو. هن واضح ڪيو ته پاڪستان جو ايندڙ هدف غير قانوني اميگريشن جو سئو سيڪڙو خاتمو آهي جنهن کي هر صورت ۾ حاصل ڪيو ويندو. هن مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قانوني اميگريشن جون نيون راهون کولڻ ضروري آهي. محسن نقوي چيو ته بارڊر مينيجمينٽ کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ آفيسرن جي جديد تربيت ۽ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ پاڪستان جي سمورن هوائي اڏن جي 500 اميگريشن ڪائونٽرز تي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪئميرائون لڳايون پيون وڃن جنهن ذريعي انساني اسمگلنگ ۽ غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن کي فوري طور قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. ملاقاتن دوران فرنيڪس جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر هانس ليئتنس به پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي مقرر هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ مڪمل ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.










