گڏيل قومن جي سربراهه پاران جلد پاڪستان جي دوري جو اعلان، آمريڪي، ايراني تڪرار ۾ ٽياڪڙي جي ڪردار جي ساراهه

گڏيل قومون-17 سيپٽمبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي ته هو جلد پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ آمريڪي، ايراني تڪرار جي حل لاءِ پاڪستان جي اهم ٽياڪڙي ڪردار کي اجاگر ڪيو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي هفتي کان اڳ پنهنجي آخري پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي انتونيوگوتريش  تڪرار جي پرامن حل لاءِ ڳالهين جي بحالي تي زور …

گڏيل قومون-17 سيپٽمبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي ته هو جلد پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ آمريڪي، ايراني تڪرار جي حل لاءِ پاڪستان جي اهم ٽياڪڙي ڪردار کي اجاگر ڪيو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي هفتي کان اڳ پنهنجي آخري پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي انتونيوگوتريش  تڪرار جي پرامن حل لاءِ ڳالهين جي بحالي تي زور ڀريو. ان جو پاڪستان جو دورو پاڪستان حڪومت جي دعوت تي متوقع آهي. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ گڏيل قومن ۾ امڪاني امن ڳالهين بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڳالهين جو گڏيل قومن ۾ ٿيڻ مفيد هوندو، جڏهن ته سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جو عمل بحال ٿئي، هن چيو ته هڪ مرحلي تي صورتحال صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهي هئي ۽ مفاهمت جي هڪ يادداشت پڻ سامهون آئي هئي پر بعد ۾ معاملا ٻيهر پيچيده ٿي ويا ۽ تڪرار جو دائرو وسيع ٿي ويو. انتونيوگوتريش چيو ته معاملو صرف آمريڪا ۽ ايران تائين محدود ناهي پر نار جا ملڪ به حملن کي منهن ڏئي رهيا آهن. جنهن لاءِ سندن معيشتن ۽ عالمي معيشت تي پڻ سنگين اثر پئجي رهيا آهن. هن چيو ته موجوده پيچيده صورتحال جي حل لاءِ آمريڪا ۽ ايران، ايران ۽ نار ملڪن، جڏهن ته ٽياڪڙ ملڪن وچ ۾ به سنجيده ڳالهيون ضروري آهن. گڏيل قومن جي سربراهه پاڪستان ۽ ترڪيه کي اهم ٽياڪڙ قرار ڏيندي چيو ته هو جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. هن مصر ۽ سعودي عرب جي ڪردار جو به ذڪر ڪيو، چيو ته سعودي عرب هن وقت تڪرار جي متاثر ملڪن ۾ شامل ٿي چڪو آهي.

مزید خبریں