اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان 2027ع ۾ 30 ارب يوان ڪرنسي سويپ سهولت جو مدو ختم ٿيڻ تي ان ۾ واڌ جي درخواست ڪندو، تجويز ڪيل 10 ارب ڊالرن جي ايڪسچينج اسٽيبلائيزيشن سهولت جي حوالي سان آمريڪا کان ٻن مهينن اندر جواب ملڻ جو امڪان آهي، آءِ ايم ايف کان واڌو فنانسنگ يا هنگامي مدد حاصل …
پاڪستان يوان ڪرنسي سويپ سهولت جو مدو ختم ٿيڻ تي ان ۾ واڌ جي درخواست ڪندو، 10 ارب ڊالرن جي ايڪسچينج اسٽيبلائيزيشن سهولت جي حوالي سان آمريڪا کان ٻن مهينن اندر جواب ملڻ جو امڪان آهي: وفاقي وزير محمد اورنگزيب
اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان 2027ع ۾ 30 ارب يوان ڪرنسي سويپ سهولت جو مدو ختم ٿيڻ تي ان ۾ واڌ جي درخواست ڪندو، تجويز ڪيل 10 ارب ڊالرن جي ايڪسچينج اسٽيبلائيزيشن سهولت جي حوالي سان آمريڪا کان ٻن مهينن اندر جواب ملڻ جو امڪان آهي، آءِ ايم ايف کان واڌو فنانسنگ يا هنگامي مدد حاصل ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي. هن اها ڳالهه برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ چئي. ناڻي واري وزير چين جي پنهنجي هم منصب ۽ مرڪزي بئنڪ جي گورنر سان هاڻوڪين ملاقاتن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته چين سان 10 ارب يوان جي مڪمل سويپ لائين استعمال ڪئي وئي آهي جڏهن ته حڪومت اڃان اهو فيصلو نه ڪيو ته سهولت جي تجديد جي وقت وڌيڪ ڪيتري فنانسنگ جي درخواست ڪئي ويندي. هڪ طريقيڪار آهي جنهن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي، اسان تجديد جي وقت باضابطه درخواست ڏيڻ جو ارادو رکون ٿا، وفاقي وزير چيو ته کيس اميد آهي ته آمريڪا کان پاڪستان طرف 10 ارب ڊالرن جي ايڪسچينج اسٽيبلائيزيشن سهولت حاصل ڪرڻ جي درخواست تي ٻن مهينن اندر جواب ملي ويندو. حڪومت آمريڪي ايڪسپورٽ امپورٽ بئنڪ ۽ انٽرنيشنل ڊولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن سان به ڳالهيون ڪري رهي آهي، ناڻي واري وزير آمريڪا ۽ چين سان هڪ ئي وقت مالي مدد حاصل ڪرڻ جي ڪوششن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان آمريڪا ۽ چين ٻنهي کان هڪ ئي وقت اقتصادي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جوخواهشمند آهي، هن چيو ته چين ڊگهي عرصي کان اسان جو اسٽريٽجڪ حصيدار آهي ۽ ٽرمپ انتظاميه سان به قيادت جي سطح تي اسان جي انڊراسٽيڊنگ ۽ لاڳاپا تمام سٺا آهن، اسان تمام گهڻا خوشقسمت آهيون جو ٻنهي اهم اقتصادي طاقتن ۽ عالمي سپر پاورز سان هڪجهڙا لاڳاپا رکون ٿا. هن چيو ته وچ اوڀر جي صورتحال کانپوءِ تيل جي قيمتن ۾ واڌ سان پاڪستان نسبتن بهتر انداز ۾ منهن ڏنو جڏهن ته هن خبردار ڪيو ته صورتحال جي مستقبل جي حوالي سان غير يقيني وڌي سگهي ٿي جيڪڏهن هي تڪرار نومبر يا ڊسمبر تائين جاري رهيو ته اهو اسان لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻجندي، ڊگهي عرصي تائين جاري رهندڙ رڪاوٽ سان هلندڙ مالي سال لاءِ حڪومت جو 4 سيڪڙو اقتصادي اوسر واري شرح جو هدف متاثر ٿي سگهي ٿو. ناڻي واري وزير ٻڌايو ته پاڪستان سيپٽمبر تائين پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ وڏي مقدار ۾ تيل جو ذخيرو يقيني بڻائي ورتو آهي ۽ آڪٽوبر لاءِ به ملڪ جي پوزيشن مستحڪم آهي، صورتحال جو روزاني جي بنياد تي جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اداره جاتي طريقيڪار به قائم ڪيو ويو آهي جڏهن ته نومبر لاءِ تيل جي فراهمي جي منصوبابندي شروع ڪئي وئي آهي، آءِ ايم ايف جي ايندڙ جائزه جي حوالي سان ناڻي واري وزير چيو ته اسان جي موقف سان مقداري هدفن جي معاملي ۾ اسان جي پوزيشن مضبوط آهي، ۽ اسان ڍانچاجاتي هدفن تي به وڏي حد تائين عملدرآمد ڪري رهيا آهيون.











