اسلام آباد - 17 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار صارفين ۽ پيٽرول پمپس جي شڪايتن جي ازالي ۽ ٽيڪنيڪي معاونت جي لاءِ 24 ڪلاڪ فعال هڪ خصوصي نظام قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي زور ڏنو آهي ته درست ۽ قابل قبول ٽوڪن پيش ڪندڙ ڪنهن به شهري کي واپس نه ڪيو وڃي ۽ ريليف بنا جواز رڪاوٽن کانسواءِ مستحق ماڻهن تائين پهچڻ …
نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران صارفين ۽ پيٽرول پمپس جي شڪايتن جي ازالي ۽ ٽيڪنيڪي معاونت لاءِ 24 ڪلاڪ فعال خصوصي نظام قائم ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار صارفين ۽ پيٽرول پمپس جي شڪايتن جي ازالي ۽ ٽيڪنيڪي معاونت جي لاءِ 24 ڪلاڪ فعال هڪ خصوصي نظام قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي زور ڏنو آهي ته درست ۽ قابل قبول ٽوڪن پيش ڪندڙ ڪنهن به شهري کي واپس نه ڪيو وڃي ۽ ريليف بنا جواز رڪاوٽن کانسواءِ مستحق ماڻهن تائين پهچڻ گهرجي. خميس ڏينهن نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٻارڻ سبسڊي بابت قومي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم پاران سڄي ملڪ ۾ خصوصي ريليف اسڪيم جي شروعات کانپوءِ ان تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو. ڪميٽي سڄي ملڪ ۾ رجسٽريشن، ٽوڪن جي ذريعي ريليف حاصل ڪرڻ ۽ پيٽرول پمپس کي ادائيگين جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار صارفين ۽ پيٽرول پمپس جي شڪايتن جي ازالي ۽ ٽيڪنيڪي معاونت جي لاءِ 24 ڪلاڪ فعال هڪ خصوصي نظام قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن زور ڏنو ته درست ۽ قابل قبول ٽوڪن پيش ڪندڙ ڪنهن به شهري کي واپس نه ڪيو وڃي ۽ ريليف بنا جواز رڪاوٽن کانسواءِ مستحق ماڻهن تائين پهچڻ گهرجي. اجلاس ۾ پيٽروليم واري وفاقي وزير، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ۽ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ڊپٽي گورنر، اوگرا چيئرمين، پيٽروليم واري سيڪريٽري، پنجاب ۽ سنڌ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽرين، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۽ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي.










