حيدرآباد- 24 جون (اي پي پي) سينيئر صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هر سال جيان هن سال به محرم الحرام عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، سنڌ حڪومت طرفان محرم الحرام لاءِ سمورا انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته حيدرآباد سميت پوري صوبي ۾ جلوسن جي رستن لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن. هن چيو ته محرم دوران پوري سنڌ ۾ …
سنڌ سرڪار طرفان محرم الحرام لاءِ سمورا انتظام ڪيا ويا آهن، حيدرآباد سميت پوري صوبي ۾ جلوسن جي رستن لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن: شرجيل انعام ميمڻ

مزید خبریں
حيدرآباد- 24 جون (اي پي پي) سينيئر صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هر سال جيان هن سال به محرم الحرام عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، سنڌ حڪومت طرفان محرم الحرام لاءِ سمورا انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته حيدرآباد سميت پوري صوبي ۾ جلوسن جي رستن لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن. هن چيو ته محرم دوران پوري سنڌ ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي ۽ عالم سڳورن سان اجلاس طلب ڪري انتطامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. راول هائوس راهوڪي ٽنڊو ڄام ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ صوبي ۾ محرم دوران جهڙي طرح اهل تشيع اهتمام ڪندا آهن، اهڙِي طرح اهل سنت به اهتمام ڪندا آهن. هن چيو ته ڪربلا جي واقعي مان سبق حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ سنڌ ۾ بنا فرق امام حسين رضه الله تعاليٰ عنه ۽ ان جي ساٿين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته هن وقت صوبي ۾ سنڌ حڪومت طرفان موثر انتظام ڪيا ويا آهن، الحمدالله امن امان جي صورتحال بهتر آهي ۽ حڪومت پاران موثر انتظام ڪيا ويا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اين ايف سي مان ڪٽوتي نه ٿي آهي پر ترجيحن موجب صوبن پنهنجو پنهنجو حصو شامل ڪيو آهي. هن چيو ته سمورن صوبن کي گهٽ حصو ملي رهيو آهي، جنهن سبب ترقياتي ڪم متاثر ٿيندا ۽ ترقياتي بجيت پڻ گهٽ ٿيندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته مخالف ڌر ميمبرن بجيٽ پڙهيو ئي نه هو اپوزيشن ميمبرن بجيٽ پڙهڻ بدران رڳو گوڙ ڪيو ۽ ايوان مان هليا ويا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت مختلف شهرن ۾ ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇائي رهي آهي. هن مهل تائين 3 هزار کان وڌيڪ ڪلوميٽر روڊ تعمير ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ پنڪ اسڪوٽيز پڻ ڏنيون وينديون. هن چيو ته اسان 500 اليڪٽرڪ (اي وي ) بسون آڻي رهيا آهيون، جڏهن ته ڊبل ڊيڪر بسون پڻ اچي رهيون آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته ڪوشش آهي ته حيسڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ طرفان بجلي جو نظام بهتر بڻايو وڃي. هن چيو ته حيدرآباد کان سکر وڃون ٿا ته روڊن جي حالت تمام خراب آهي. هن چيو ته وفاقي وزير عليم خان هڪ سٺو شخص آهي سندس ڳالهين مان لڳي ٿو ته هو ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڪندو. باني پي ٽي آءِ جي آزادي بابت سوال تي شرجيل ميمڻ چيو ته منهنجي دعا آهي ته هو آزاد ٿئي. سنڌ حڪومت ۾ امڪاني تبديلن بابت سوال تي هن چيو ته سنڌ حڪومت ۾ جيتريون به تبديلين جون ڳالهيون هلي رهيون آهن، اهي يوٽيوب تي هلي رهيون آهن.










