اسلام آباد - 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام ۽ ڪاروباري برادري جي لاءِ ريليف کي نظر ۾ رکندي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جوڙڻ تي حڪومتي خاص طور تي ناڻي وزارت جي ٽيم کي ساراهيندي چيو آهي ته بجيٽ ۾ قوم سان ڪيل واعدي موجب پگهاردار طبقي، ڪاروباري برادري ۽ عوام کي ڀرپور ريليف فراهم ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اربع ڏينهن جاري …
بجيٽ ۾ قوم سان ڪيل واعدي موجب پگهاردار طبقي، ڪاروباري برادري ۽ عوام کي ڀرپور ريليف فراهم ڪيو: وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت جي معاشي ٽيم سان منعقد اجلاس ۾ ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوام ۽ ڪاروباري برادري جي لاءِ ريليف کي نظر ۾ رکندي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جوڙڻ تي حڪومتي خاص طور تي ناڻي وزارت جي ٽيم کي ساراهيندي چيو آهي ته بجيٽ ۾ قوم سان ڪيل واعدي موجب پگهاردار طبقي، ڪاروباري برادري ۽ عوام کي ڀرپور ريليف فراهم ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران اربع ڏينهن جاري بيان موجب وزيراعظم حڪومت جي معاشي ٽيم سان منعقد اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، ناڻي واري سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين ۽ پوري حڪومتي ٽيم جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته بجيٽ ۾ قوم سان ڪيل واعدي موجب پگهاردار طبقي، ڪاروباري برادري ۽ عوام کي ڀرپور ريليف فراهم ڪيو، معاشي ٽيم جون ان حوالي سان ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته معاشي انگن اکرن ۾ بهتري جا ثمر ملڪ جي هر شهري تائين پهچايا ويندا. معاشي ٽيم وزيراعظم پاران ساراهه جي آجيان ڪندي چيو ته حڪومت محدود مالي وسيلن جي باوجود عوام کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. معاشي ٽيم جي ميمبرن وزيراعظم جا بجيٽ جي تياري ۾ سمورين ڌرين سان بجيٽ تجويزن جي حوالي سان ملاقاتن، عوامي ريليف جي لاءِ هدايتن ۽ آءِ ايم ايف سان عوام جي ريليف جي لاءِ قدمن جي حوالي سان پاڻ دلچسپي وٺي معاملا سلجهائڻ تي ٿورا ادا ڪيا. معاشي ٽيم وزيراعظم جي هدايت تحت بجيٽ جي تياري جي حوالي سان ڪيترائي اجلاس منعقد ڪيا ۽ سمورن ڌرين کان رهنمائي ورتي ته جيئن هڪ متوازن بجيٽ پيش ڪري عوام ۽ محروم طبقن کي ريليف ڏئي سگهجي. معاشي ٽيم وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم جاري رکڻ جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.










