اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب اربع ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ پاڪستان حڪومت جي مالي سال 25-2024ع جي مخصوص ڪيل حسابن ۽ آڊيٽر جنرل پاڪستان طرفان وفاقي حسابن بابت آڊٽ سال 26-2025ع جون آڊٽ رپورٽون پيش ڪري ڇڏيون آهن. اهي رپورٽون اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 171 تحت قومي اسيمبليءَ جي سرڪاري ڪاروبار جي هڪ لازمي جز طور تي …
ناڻي واري وفاقي وزير قومي اسيمبليءَ ۾ آڊيٽر جنرل پاڪستان جون آڊٽ رپورٽون پيش ڪري ڇڏيون

مزید خبریں
اسلام آباد-24 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب اربع ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ پاڪستان حڪومت جي مالي سال 25-2024ع جي مخصوص ڪيل حسابن ۽ آڊيٽر جنرل پاڪستان طرفان وفاقي حسابن بابت آڊٽ سال 26-2025ع جون آڊٽ رپورٽون پيش ڪري ڇڏيون آهن. اهي رپورٽون اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 171 تحت قومي اسيمبليءَ جي سرڪاري ڪاروبار جي هڪ لازمي جز طور تي ايوان ۾ پيش ڪيون ويون. اها اڳڀرائي پاڪستان ۾ عوامي مالياتي نظم و ترتيب ۽ احتسابي نظام جي مضبوطيءَ طرف هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وفاق بابت آڊٽ رپورٽون ان ئي مالي سال دوران پارليامينٽ ۾ پيش ڪيون ويون آهن، جنهن بابت آڊٽ ڪئي وئي آهي. ان اڳڀرائيءَ سان نه صرف آڊٽ رپورٽنگ جي نظام کي وقت سر بنائڻ جي عمل کي هٿي ملي آهي پر عوامي خرچن تي پارلياماني نگرانيءَ کي وڌيڪ اثرائتو ۽ بامعنيٰ بنائڻ ۾ به مدد ملي آهي. ان موقعي تي ناڻي واري وزير چيو ته آڊٽ رپورٽس جي وقت سر آڇ حڪومت جي ان عزم جو مظهر آهي ته عوامي ماليات جي انتظام ۾ شفافيت، جوابدهي ۽ پارلياماني نگرانيءَ کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته آڊٽ مشاهدا ان وقت وڌيڪ اثرائتا ثابت ٿين ٿا جڏهن اهي وقت سر پارليامينٽ آڏو پيش ڪيا وڃن ته جيئن ان جي روشنيءَ ۾ سڌارن وارا قدم اختيار ڪري سگهجن. وفاقي وزير ان تاريخي ڪاميابيءَ تي آڊيٽر جنرل پاڪستان ۽ سندس پوري ٽيم جي پيشيوراڻي صلاحيتن، محنت ۽ لڳن کي ساراهيندي چيو ته گذريل هڪ ڏهاڪي دوران آڊٽ رپورٽس جي آڇ ۾ ٿيندڙ دير جي روشنيءَ ۾ اها اڳڀرائي هڪ نمايان اداره جاتي ڪاميابي آهي، جيڪا ملڪ ۾ عوامي احتساب جي نظام کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن سال هڪ ٻي اهم اڳڀرائي اها به آهي ته آڊٽ رپورٽس پهريون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جي ڊجيٽل ذريعن مان فراهم ڪيون ويون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ پارليامينٽ جي معزز ميمبرن کي رپورٽس هڪ ئي وقت اليڪٽراڪ صورت ۾ دستياب ٿيون. اهي قدم پارلياماني معاملن ۾ ڊجيٽلائزيشن، ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري ۽ ڪاغذ کان پاڪ ماحول طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي، جنهن کي آئينده به جاري رکيو ويندو. آڊٽ رپورٽس جي وقت سر ۽ ڊجيٽل فراهمي پاڪستان ۾ مالياتي شفافيت، اثرائتي حڪمراني، اداره جاتي جوابدهي ۽ عوامي وسيلن تي پارليامينٽ جي نگراني جي نظام کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ طرف هڪ اهم قدم آهي.










