پاڪستان جي امن ڪوششن جو مقصد خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو فروغ آهي، سعودي عرب سميت ڀائر ملڪن جي حمايت انتهائي اهم رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تبوڪ جي گورنر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي امن ڪوششن جو مقصد خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو فروغ آهي جنهن ۾ سعودي عرب سميت ڀائر ملڪن جي حمايت انتهائي اهم رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي صوبي تبوڪ جي گورنر شهزاده فهد بن سلطان بن عبدالعزيز آل سعود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اربع ڏينهن وزيراعظم کي …

اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي امن ڪوششن جو مقصد خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو فروغ آهي جنهن ۾ سعودي عرب سميت ڀائر ملڪن جي حمايت انتهائي اهم رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي صوبي تبوڪ جي گورنر شهزاده فهد بن سلطان بن عبدالعزيز آل سعود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اربع ڏينهن وزيراعظم کي ٽيليفون ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ انتهائي گرمجوشي ۽ خيرسگالي تي ٻڌل ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي تبوڪ جي گورنر آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت ۾ پاڪستان جي غيرمعمولي سفارتي ڪوششن تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم تبوڪ جي گورنر جا ٿورا ادا ڪندي چيو ته پاڪستان جي امن ڪوششن جو مقصد خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو فروغ آهي جنهن ۾ سعودي عرب سميت ڀائر ملڪن جي حمايت انتهائي اهم رهي آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جو پاڪستان سان محبت ۽ خيرسگالي تي دلي ٿورن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم تبوڪ جي گورنر کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني.














مزید خبریں