شهباز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) پي اي سي کي ڍال طور استعمال ڪري پئي: فواد حسين

اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) احتساب جي عمل کان بچڻ جي لاءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي هڪ ڍال طور استعمال ڪيو، شهباز شريف اخلاقي قدرن جو مظاهرو ڪندي پاڻ پي اي سي جي چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته …

اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف ۽ مسلم ليگ (ن) احتساب جي عمل کان بچڻ جي لاءِ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي کي هڪ ڍال طور استعمال ڪيو، شهباز شريف اخلاقي قدرن جو مظاهرو ڪندي پاڻ پي اي سي جي چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته شهباز شريف کي ووٽ ذريعي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي چيئرمين شپ تان هٽائڻ ممڪن آهي پر اسان جي ڪوشش اها ئي آهي ته هو پاڻ ئي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) جي چيئرمين شپ تان استعيفيٰ ڏي.

مزید خبریں