APP70-26 ISLAMABAD: November 26 - President Dr. Arif Alvi talking to Secretary Election Commission Babar Yaqoob Fateh who called on him. APP

اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن کي وڌيڪ شفاف، آزاداڻيون ۽ غير جانبداراڻي انداز ۾ ڪرائڻ جي ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد لاءِ پارليامينٽ کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. صدر اها ڳالهه اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب فتح محمد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چئي.