قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ ان ڪئمرا اجلاس

اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ ٽيلي ڪام ڪمپينن کي شهرين جي ملڪيتن تائين آزاداڻي پهچ واري بل جو جائزو وٺڻ واري ڪميٽي جو ان ڪئمرا اجلاس پارليامنٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس کانپوءِ قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي چيو …

اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جي صدارت هيٺ ٽيلي ڪام ڪمپينن کي شهرين جي ملڪيتن تائين آزاداڻي پهچ واري بل جو جائزو وٺڻ واري ڪميٽي جو ان ڪئمرا اجلاس پارليامنٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس کانپوءِ قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نجي ملڪيت تي قبضي يا زبردستي ٽاورز لڳائڻ جو ڪو ارادو ناهي، يقين ڏياريون ٿا ته بل سان ڪنهن جي ذاتي ملڪيت يا پرائيويسي متاثر نه ٿيندي. هن چيو ته عوامي خدشا ختم ڪرڻ لاءِ قانون ۾ وڌيڪ وضاحت شامل ڪئي ويندي، مالڪ جي اجازت کانسواءِ نجي ملڪيت تي ٽاور نه لڳايو ويندو. اعتراض جمهوري عمل جو حصو آهن، معاملو جلد حل ٿي ويندو. هن چيو ته بل جي ڪجهه شقن تي اعتراض آهن، مشاورت جو عمل جاري آهي، ڊجيٽل ترقي ۽ ڪنيڪٽيويٽي لاءِ قانون سازي اڻٽر آهي. آءِ ٽي، براڊ بينڊ ۽ اي آءِ جي ترقي لاءِ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لازمي آهي.