سينيٽ چيئرمين پاران گلگت بلتستان اسيمبلي جي نئين پارلياماني قيادت کي مبارڪون

اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، گلگت بلتستان اسيمبلي جي نئين پارلياماني قيادت جي چونڊ ۾ نئين چونڊيل اسپيڪر عمران نديم ۽ ڊپٽي اسپيڪر ملڪ ڪفايت الرحمان کي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. سينيٽ چيئرمين پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ چيو ته عمران نديم جو اسپيڪر ۽  ملڪ ڪفايت الرحمان جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊجڻ جمهوري روايتن، پارلياماني قدرن ۽ عوامي اعتماد جي استحڪام جو …

اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، گلگت بلتستان اسيمبلي جي نئين پارلياماني قيادت جي چونڊ ۾ نئين چونڊيل اسپيڪر عمران نديم ۽ ڊپٽي اسپيڪر ملڪ ڪفايت الرحمان کي دلي مبارڪون ڏنيون آهن. سينيٽ چيئرمين پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ چيو ته عمران نديم جو اسپيڪر ۽  ملڪ ڪفايت الرحمان جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊجڻ جمهوري روايتن، پارلياماني قدرن ۽ عوامي اعتماد جي استحڪام جو مظهر آهي. هن چيو ته نئين چونڊيل قيادت تي اسيمبلي ميمبرن جي اعتماد جو اظهار انهن جي صلاحيتن، قائداڻي ڪردار ۽ عوامي خدمت جي عزم جي واضح عڪاسي ڪري ٿو. سيد يوسف گيلاني چيو ته گلگت بلتستان اسيمبلي خطي جي عوام جي امنگن جي ترجماني، اثرائتي قانون سازي ۽ علائقائي ترقي جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن، اميد ظاهر ڪئي ته نئين پارلياماني قيادت آئين جي بالادستي ۽ جهموري روايتن کي هٿي وٺائڻ ۾ اثرائتي قانون سازي جي عمل کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته مضبوط پارلياماني ادارا قومي يڪجهتي، وفاقي هم آهنگي ۽ جمهوري استحڪام جي بنياد هوندا آهن، جڏهن ته سينيٽ ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي وچ ۾ روايتن ۽ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ سان پارلياماني نظام وڌيڪ مستحڪم ٿيندو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نئين چونڊيل اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي قيادت گلگت بلتستان جي عوام لاءِ ترقي، خوشحالي ۽ بهتر طرز حڪمراني جا نوان موقعا پيدا ڪندي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني  نئين چونڊيل قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي انهن جي ڪاميابي ۽ خطي جي ترقي لاءِ  دعا به ڪئي.