اسلام آباد - 22 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي 33.70 ارب روپين جي 3 ناڻي بابت مطالبن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ايوان مخالف ڌر طرفان ڪٽوتي جي 112 رٿن کي رد ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي ۾ ڪٽوتي جي رٿن تي بحث کي سهيڙيندي قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف زرعي …
قومي اسيمبليءَ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي 33.70 ارب روپين جي 3 ناڻي بابت مطالبن جي منظوري ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي 33.70 ارب روپين جي 3 ناڻي بابت مطالبن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ايوان مخالف ڌر طرفان ڪٽوتي جي 112 رٿن کي رد ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي ۾ ڪٽوتي جي رٿن تي بحث کي سهيڙيندي قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف زرعي شعبي کي ترجيح ڏني آهي ۽ سندس اهو يقين آهي ته اسان جو زرعي شعبو ملڪي معيشت کي گهٽ وقت ۾ وڌيڪ فائدو ڏئي سگهي ٿو. وفاقي وزير چيو ته زراعت صوبائي معاملو آهي جڏهن ته وفاق فوڊ سيڪيورٽي جي حوالي سان پنهنجون آئيني ذميواريون ادا ڪري رهيو آهي، وفاقي سطح تي پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل ۽ ٻيا ادارا قائم آهن جڏهن ته صوبن ۾ به زرعي تحقيق جا ادارا موجود آهن، زرعي شعبي جو ڏک اسان محسوس ڪري سگهون ٿا ۽ ان جي ازالي لاءِ جامع قدمن جو سلسلو جاري آهي، هن چيو ته چين ۽ ڀارت جا مثال ڏنا ويندا آهن جڏهن ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ ٻوڏ جي چئلينجز باوجود محدود وسيلن سان زرعي شعبي لاءِ جيڪي قدم کنيا آهن، اهي مثالي آهن. هن چيو ته تازي علائقائي بحران ۾ پاڪستان فوڊ سيڪيورٽي جي حوالي سان سڀ کان محفوظ ملڪ هو، بحران دوران پاڪستان رسد ۽ قيمتن جي نگراني ذريعي قيمتن ۾ اضافو ٿيڻ نه ڏنو، وفاقي وزير چيو ته زرعي شعبي جي ترقي لاءِ بيشمار قدم کنيا ويا آهن ان شعبي جي ميڪنائيزيشن اسان جي ترجيح آهي. پنجاب ۾ 25 هزار ٽريڪٽرز تي 10 لک روپين جي سبسڊي ڏني وئي آهي جڏهن ته 10 هزار ٽريڪٽر آبادگارن کي مفت ڏنا ويا آهن. هاري ڪارڊ سان 8 لک آبادگارن کي وياج کان سواءِ ڀاڻ ۽ ٻج جي خريداري لاءِ سهولت فراهم ڪئي آهي ان اسڪيم ۾ رڪوري جي شرح 86 سيڪڙو آهي ڇاڪاڻ ته ان جو وياج حڪومت ادا ڪري رهي آهي. ايندڙ مالي سال دوران صوبا زرعي ترقي تي 200 ارب روپين کان وڌيڪ خرچ ڪري رهيا آهن جن ۾ 100 ارب پنجاب جا شامل آهن. هن چيو ته وزيراعظم زرعي مشينري تي ڊيوٽي ٻڙي ڪري ڇڏيو آهي. ٽرانسفر آف ٽيڪنالاجي جي حوالي سان چين، برازيل ۽ آسٽريليا سان معاهدا ٿي رهيا آهن، پوسٽ هارويسٽ نقصانن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ به ڪيتروئي ڪم ٿي رهيو آهي، پنجاب ۾ ڪيترن ئي زميندارن في ايڪڙ مان 60 مڻ ڪڻڪ جي پيداوار حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت زرخيز اي جي نالي سان به پروگرام شروع ڪيو آهي جنهن ۾ آبادگارن کي قرضن جي فراهمي ۾ سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. ٻجن جي حوالي سان به قدم جاري آهن، هائبرڊ ٻج جي آمدني واپار جي اجازت ڏني وئي آهي. ڪاٽن بورڊ جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي، جنهن ۾ ڪو به سرڪاري عهديدار شامل نه هوندو ۽ ان جا معاملا اپٽما ڏسندي. هن چيو ته بلوچستان، پوٺوهار، گلگت بلتستان ۽ ڪي پي ڪي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ان حوالي سان گهڻو ڪم ٿيو آهي، پاڪستان پهريون ڀيرو انٽرنيشنل اوليو ڪائونسل جو ميمبر بڻيو آهي. نيويارڪ ۾ زيتون جي معيار جي عالمي مقابلي ۾ پاڪستان سلور جڏهن ته لنڊن ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. وزيراعظم به زيتون جي پوکائي ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن کي ايوارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.يو اي اي جي هڪ فائونڊيشن به رابطو ڪيو آهي. انهن 3 پلانٽ فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. ان کان اڳ ڪٽوتي جي رٿن تي بحث ڪندي محمد اسلم گهمڻ چيو ته نوجوانن کي جديد تعليم ۽ تربيت جي فراهمي ضروري آهي، غوث محمد چيو ته زراعت کي ترقي ڏيڻ سان پاڪستان آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهي ٿو. عاليه ڪامران چيو ته پاڪستان کي غذائي تحفظ جي حوالي سان سنگين چئلينج درپيش آهن، پاڪستان بنيادي زرعي شين جي آمدني واپار تي ڪيترو ئي ناڻو خرچ ڪري رهيو آهي. پاليسين جي ڪمزوري ۽ منصوبا بندي جي فقدان سان زراعت ۽ آبادگارن لاءِ ڏکيائيون وڌي رهيون آهن. ان موقعي تي نثار جٽ، معظم علي خان، اويس حيدر جهڪڙ، محمد امير سلطان ۽ ٻين پڻ ڪٽوتي جي رٿن تي بحث ڪيو.










