آمريڪي نائب صدر طرفان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي تعريف پوري قوم لاءِ فخر جو سبب آهي: حذيفه رحمان

اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وزيراعظم جي خاص مددگار حذيفه رحمان، آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس طرفان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي تعريف کي پوري قوم لاءِ فخر جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته هي پاڪستان جي وڌندڙ عالمي وقار ۽ علائقائي امن کي هٿي ڏيڻ ۾ ان جي هاڪاري ڪردار جي عڪاس آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن …

اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت بابت وزيراعظم جي خاص مددگار حذيفه رحمان، آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس طرفان فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي تعريف کي پوري قوم لاءِ فخر جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته هي پاڪستان جي وڌندڙ عالمي وقار ۽ علائقائي امن کي هٿي ڏيڻ ۾ ان جي هاڪاري ڪردار جي عڪاس آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جي ڊي وينس جا رمارڪس جنهن ۾ هن فيلڊ مارشل عاصم منير کي گذريل ٽن مهينن دوران پنهنجي ڳالهين جو سڀ کان متاثر ڪندڙ شخص قرار ڏنو، هي پاڪستان جي قيادت ۽ سفارتڪاري جو اعتراف آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان خطي ۾ ڳالهين ۽ امن جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ ٿيل ڳالهين جو حوالو ڏيندي هن دعويٰ ڪئي ته جي ڊي وينس جي آمد کانپوءِ ايراني وفد جي روانگي کان اڳ هڪ انتهائي اهم 22 ڪلاڪ جو وقت هو، جنهن دوران ڀرپور سفارتي ڪوششون ڪيون ويون. حذيفه رحمان جو چوڻ هو ته پاڪستان امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي مقصد تحت ڪيل هر ڪوشش جي حمايت لاءِ پر عزم آهي ۽ ملڪ جي قيادت هميشه ڳالهين ذريعي اختلافن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو آهي. هن سوئٽزرلينڊ ۾ طئي ٿيل تازي مفاهمت جو به حوالو ڏنو ۽ چيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل اختلافن باوجود پاڪستان حڪمت ۽ تدبر سان ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڪئي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته طئي ٿيل نقطن تي اڳڀرائي جاري رهندي ۽ امن جو عمل ڪاميابي سان اڳتي وڌندو.