وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري پاران گلگت بلتستان اسيمبلي جي نئين چونڊيل اسپيڪر عمران نديم ۽ ڊپٽي اسپيڪر ملڪ ڪفايت الرحمان کي بنا مقابلي چونڊجڻ تي مبارڪون

اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري گلگت بلتستان اسيمبلي جي نئين چونڊيل اسپيڪر عمران نديم ۽ ڊپٽي اسپيڪر ملڪ ڪفايت الرحمان کي بنا مقابلي چونڊجڻ تي  دلي مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته انهن جو گڏجي چونڊجي اچڻ  ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته اسيمبلي ميمبرن کي …

اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري گلگت بلتستان اسيمبلي جي نئين چونڊيل اسپيڪر عمران نديم ۽ ڊپٽي اسپيڪر ملڪ ڪفايت الرحمان کي بنا مقابلي چونڊجڻ تي  دلي مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته انهن جو گڏجي چونڊجي اچڻ  ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته اسيمبلي ميمبرن کي سندن صلاحيتن، قيادت ۽ پارلياماني بصيرت تي مڪمل اعتماد آهي. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته نئين چونڊيل قيادت جمهوري قدرن، آئين جي بالادستي ۽ عوامي خدمت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. گلگت بلتستان اسيمبلي خطي جي عوام جي امنگن جي ترجماني ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي سفر ۾ اهم ٿنڀ جي حيثيت رکي ٿي. وفاقي حڪومت، گلگت بلتستان جي جمهوري ادارن جي استحڪام، پارلياماني روايتن کي هٿي وٺرائڻ ۽ عوامي ڀلائي لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکندي. هن دعا ڪئي ته الله تعالي نئين چونڊيل اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي پنهنجون ذميواريون احسن انداز ۾ ادا ڪرڻ جي توفيق عطافرمائي.