اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، عمران نديم کي اسپيڪر ۽ ملڪ ڪفايت الرحمان کي گلگت بلتستان اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. سومر ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ هن نئين چونڊيل اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته عمران نديم ۽ ملڪ ڪفايت الرحمان جو بنا مقابلي چونڊجڻ انهن تي اسيمبلي ميمبرن جي مڪمل …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران عمران نديم کي اسپيڪر ۽ ملڪ ڪفايت الرحمان کي بنا مقابلي گلگت بلتستان اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊجڻ تي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد- 22 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، عمران نديم کي اسپيڪر ۽ ملڪ ڪفايت الرحمان کي گلگت بلتستان اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. سومر ڏينهن پنهنجي پيغام ۾ هن نئين چونڊيل اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته عمران نديم ۽ ملڪ ڪفايت الرحمان جو بنا مقابلي چونڊجڻ انهن تي اسيمبلي ميمبرن جي مڪمل اعتماد جو اظهار آهي. اميد آهي ته نئون چونڊيل اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر آئين جي بالادستي ۽ جهموري روايتن کي هٿي وٺائڻ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته مضبوط پارلياماني ادارا وفاق ۽ صوبن وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، گلگت بلتستان اسيمبلي عوامي امنگن جي ترجماني ۽ خطي جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، نئين چونڊيل قيادت جي دانشمنداڻي رهنمائي ۾ گلگت بلتستان اسيمبلي وڌيڪ فعال ۽ اثرائتي انداز ۾ عوام خدمت انجام ڏيندي. هن چيو ته پارلياماني ۽ جمهوري ادارن وچ ۾ سهڪار، مشاورت ۽ تجربن جي ڏي وٺ جمهوري نظام جي استحڪام لاءِ اڻٽر آهي، اميد آهي ته نئين چونڊيل قيادت گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجون ذميواريون سٺي انداز ۾ انجام ڏيندي. اسپيڪر سردار اياز صادق نئين چونڊيل اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي ڪاميابي لاءِ دعا به ڪئي.










