
اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ٿائيلينڊ ، سريلنڪا، آسٽريليا، ڪينيڊا، اسپين ۽ اردن جي نامزد سفيرن سومر ڏينهن پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون، ان سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ هڪ باوقار تقريب ٿي بعد ۾ سفيرن/هاءِ ڪمشنرز صدر سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون ان موقعي تي صدر ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان سڀني دوست ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي.