APP77-22 ISLAMABAD: November 22 - Prime Minister Imran Khan receiving a briefing on Legal Reforms at PM Office. APP

اسلام آباد – 22 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان شهرين جي حقن جي تحفظ ۽ انهن کي انصاف جي فراهمي کي رياست جي بنيادي ذميواري قرار ڏيندي چيو آهي ته آسان ۽ جلد انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ تحريڪ انصاف جي منشور جو بنيادي حصو آهي، ڪمزور طبقن کي انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين. هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس ۾ قانوني سڌارن جي حوالي سان بريفنگ جي صدارت ڪندي چئي.