APP74-13 ISLAMABAD: November 13 - Mehdi Honardoost, Ambassador of Iran called on Federal Minister for Information and Broadcasting Chaudhry Fawad Hussain. APP

اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ثقافت جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ثقافتي مٽاسٽا سان نه رڳو هڪ ٻئي جي قدرن ۽ روايتن کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي پر اهي ٻنهي ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جو ذريعو به ثابت ٿين ٿا. هو پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير مهدي هنردوست سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو.