APP17-12 ISLAMABAD: November 12 - H.E. Jean François Cautain, Ambassador of the European Union called on Chaudhry Fawad Hussain, Federal Minister for Information and Broadcasting. APP

اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان يورپي يونين جي پاڪستان ۾ سفير جين فرانڪوئس ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. يورپي يونين لاڳاپا گڏيل جمهوري قدرن ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ترقي، انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائينداسين.