فاٽا انضمام جي لاءِ تيز رفتاري سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم

پشاور – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان فاٽا ۾ انتظامي، قانوني، بلدياتي ۽ ترقياتي انضمام جي لاءِ تيز رفتار ڪم جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته فاٽا جي عوام کي باقي شهرين جي برابر حق حاصل آهن، انهن جي ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هن اها ڳالهه فاٽا ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب …

پشاور – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان فاٽا ۾ انتظامي، قانوني، بلدياتي ۽ ترقياتي انضمام جي لاءِ تيز رفتار ڪم جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته فاٽا جي عوام کي باقي شهرين جي برابر حق حاصل آهن، انهن جي ترقي جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. هن اها ڳالهه فاٽا ٽاسڪ فورس جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان ۽ خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان به موجود هئا.