ملتان - 20 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته اڄ جي دور ۾ هنر لازمي آهي، هنرمند ماڻهو عالمي معاشي ڪاميابن جا اصل محرڪ آهن، هنرمند نوجوان معاشي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، تعليمي ڊگرين سان گڏوگڏ پيشيواراڻي عملي مهارت به ضروري آهي. اهڙو اظهار هن ڪاليج آف ٽوئرزم اينڊ هوٽل مينجمينٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين …
هنرمند نوجوان معاشي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا: سينيٽ چيئرمين
ملتان – 20 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته اڄ جي دور ۾ هنر لازمي آهي، هنرمند ماڻهو عالمي معاشي ڪاميابن جا اصل محرڪ آهن، هنرمند نوجوان معاشي ترقي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، تعليمي ڊگرين سان گڏوگڏ پيشيواراڻي عملي مهارت به ضروري آهي. اهڙو اظهار هن ڪاليج آف ٽوئرزم اينڊ هوٽل مينجمينٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته مون کي تمام گهڻي خوشي آهي، ته اڄ مان ڏکڻ پنجاب جي پٺتي پيل خطي سان تعلق رکندڙ پاس آئوٽ هنرمند شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ڪانووڪيشن ۾ شريڪ آهيان، پيشيور زندگي جي هڪ نئين باب جي شروعات ڪندڙ گريجوئيٽس سميت سندن والدين ۽ استادن کي مبارڪون ڏيان ٿو. هن زور ڀريو ته جديد دنيا ۾ روزگار جي حاصلات ۽ ڪاميابي لاءِ تعليم سان گڏوگڏ هنر پڻ ضروري آهي، هڪ گريجوئيٽ کي ڪنهن عملي مهارت کان سواءِ قومي ۽ عالمي سطح تي موقعا تلاش ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون. هن پاس آئوٽ ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته نوان گريجوئيٽس معاشري ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندا، پاڪستاني نوجوانن لاءِ اقتصادي موقعن تي روشني وجهندي هن چيو ته سياحت، ثقافت، هوابازي، انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شعبن ۾ نوجوان نسل لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن، هن چيو ته پاڪستان ڀرپور ثقافتي ۽ تاريخي ورثو رکي ٿو، پاڪستان تهذيب ۽ تمدن، ثقافت ۽ کاڌن جي پنهنجي ڌار سڃاڻپ رکي ٿو. پاڪستان تمام گهڻو خوبصورت ملڪ آهي، هتي تمام گهڻا ماڳ ۽ هنڌ اهڙا آهن، جيڪي دنيا اڃا نه ڏٺا آهن. اهڙن ماڳن جي سياحت جي قيادت نوجوان نسل کي ترقي جا مضبوط امڪان فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ اهڙا آهن جن وٽ وسيلا ناهن ۽ هو سياحت تي زنده آهن، نوجوان نسل پاڪستان ۾ سياحتي شعبي ۾ اڳتي اچي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، تيزي سان ترقي لاءِ هنرمند ماڻهن جو هئڻ ضروري آهي. يوسف رضا گيلاني چيو ته گذريل ڏينهن ۾ منهنجي اٽلي جي سفير سان ملاقات ٿي، اٽلي جي سفير مون کي چيو ته هو ساڍا 10 هزار هنرمند پاڪستانين کي روزگار ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته يورپ، آمريڪا ۽ ٻين خطن جا ملڪ به هنرمند پاڪستانين جي تلاش ڪري رهيا آهن، تربيت يافته پاڪستاني افرادي قوت جي وڌندڙ عالمي گهر ۾ اضافو ڪري ٿو. هن چيو ته پوري دنيا کي هنرمند ماڻهن جي ضرورت آهي، جنهن سبب پيشيور تعليم تيزي سان اهم ٿي رهي آهي.











