پشاور- 20 جون (اي پي پي) بنون جي ٿاڻي احمد زئي جي علائقي برغنتو ۾ هڪ ٻئي پٺيان 2 ڌماڪن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر بنون موجب پهريون ڌماڪو سوارين سان ڀريل ڊاٽسن ويجهو ٿيو جڏهن ته ٻيو ڌماڪو حادثي واري جاءِ تي امدادي سرگرمين دوران ٿيون. ڌماڪن ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ڌماڪن ۾ …
بنون ۾ ٿاڻي احمدزئي جي علائقي برغنتو ۾ هڪ ٻئي پٺيان 2 ڌماڪا، 7 ڄڻا فوت، 3 زخمي
پشاور- 20 جون (اي پي پي) بنون جي ٿاڻي احمد زئي جي علائقي برغنتو ۾ هڪ ٻئي پٺيان 2 ڌماڪن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر بنون موجب پهريون ڌماڪو سوارين سان ڀريل ڊاٽسن ويجهو ٿيو جڏهن ته ٻيو ڌماڪو حادثي واري جاءِ تي امدادي سرگرمين دوران ٿيون. ڌماڪن ۾ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ڌماڪن ۾ فوت ٿي ويلن کي آر ايڇ سي ڊوميل جڏهن ته زخمين کي خليفه گلنواز اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڊاٽسن ۾ هاٿي خيل قبيلي جا ماڻهو سوار هئا جيڪي بنون سٽي ڏانهن اچي رهيا هئا. واقعي بعد سيڪيورٽي ادارا موقعي تي پهچي ويا جن شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون. واقعي بعد پوليس علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو.











